ڪراچي: سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، آن لائين ھٿيار وڪرو ڪرڻ جي الزام ھيٺ 4 ڄڻا گرفتار

0
211

ڪراچي: سي ٽي ڊي پوليس آن لائين هٿيار وڪرو ڪرڻ ڪرڻ جي الزام هيٺ 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آھي، مختلف قسمن جا غير قانوني 20 هٿيار ۽ وڏي مقدار ۾ گوليون به هٿ ڪيون ويون آھن

 سي ٽي ڊي انچارج راجا عمر خطاب پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هٿيار وڪرو ڪندڙ جوابدار سوشل ميڊيا ذريعي ڪاروبار ڪندا هئا، اِهي هٿيار پشاور مان هتي اچن ٿا

جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري چئن جوابدارن عظمت الله، بشير خان، فرمان الله ۽ فضل خان کي گرفتار ڪيو آهي، جوابدار هٿيار ڪراچي ۾ آڻڻ کانپوءِ آن لائين وڪرو ڪندا هئا،جوابدارن جو وڏو نيٽ ورڪ آهي، جيڪي سڄي سنڌ اندر اهي هٿيار وڪرو ڪندا هئا

ھي به پڙھندا

ڪراچي جي گلبرگ بلاڪ 12 ۾ پوليس مقابلو، 3 مبينا ڦورو مارجي ويا

ڪراچي ۽  حيدرآباد ۾ ٻوڏ جي ڇا صورتحال آهي، تفصيل ڏنا وڃن: سنڌ هاءِ ڪورٽ