ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايس آءِ يو پوليس سي پي ايل سي جي مدد سان پاڻ کي سي آءِ اي آفيسر سڏائي شهرين کان ڀتو گهرندڙ 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ايس ايس پي (ايس آءِ يو) موجب جوابدار محمد سجاد ۽ محمد عمران پاڻ کي سي آءِ اي صدر جا آفيسر ڄاڻائي شهرين کي ڪال ڪري چوندا هئا ته اسان اوهان جي ڀائٽي کي گرفتار ڪيو آهي، ايزي پئسا ذريعي رقم موڪليو ته کيس آزاد ڪريون. ايس ايس پي موجب جوابدار فراڊ ذريعي شهرين کان ڀتو وصول ڪندا هئا، سندن خلاف ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي