ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ جي ٻي وڏي اسپتال ڊاڪٽر رٿ فائو سول اسپتال ڪراچي مسئلن جو شڪار، گذريل مالي سال ۾ دوائن، فرنيچر، سيڪيورٽي، مشينري جي خريداري ۽ ٻين مدن ۾ ڪروڙين رپيا خرچ ٿيڻ باوجود اسپتال ۾ مريضن سان  مسئلا پيش اچڻ لڳا، پيناڊول کان وٺي حياتي بچائڻ وارين دوائن جي کوٽ ٿي وئي مختلف شهرن مان ايندڙ مريضن جي وارثن لاءِ رهائش جو بندوبست پڻ ٿيل ناهي ! ”پنهنجي اخبار“ کي مليل دستاويزن موجب سول اسپتال ڪراچي ۾ گذريل مالي سال 2021_22ع  ۾ هڪ ارب 51 ڪروڙ 44 لک رپين جون دوائون خريد ڪيون ويون ڪيون، جڏهن ته  79 ڪروڙ 78 لک رپين جي مشنري جي خريداري  ڏيکاري وئي،  مريضن جي کاڌ خوراڪ لاءِ جاري ڪيل رقم مان 16 ڪروڙ 48  لک 71 هزار رپيا خرچ ڪري رڳو 5 رپيا ليپس ڏيکاريا ويا ! اسپتال ۾ لڳل هيوي جنريٽرن جي پيٽرول جي مد ۾ 73 لک 70 رپيا، اسپتال جي گاڏين جي پيٽرول جي مد ۾ 92 لک 51 هزار رپيا خرچ ڪرڻ باوجود سفري الائونس جي مد ۾ الڳ سان 79 هزار رپيا خرچ ڪيا ويا. اسپتال انتظاميا پاران رڳو پرنٽنگ جي مد ۾ 6 لک 83 هزار رپيا خرچ ڪري رڳو  500 رپيا ليپس ڪرڻ جي سخاوت ڪئي آهي، اسپتال ۾ رڳو اسٽيشنري جي خريداري جي مد ۾ 10 لک 66 هزار رپيا خرچ ڪيا ويا. ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف جي تحفظ واري يونيفارم جي مد ۾ به اسپتال انتظاميا پاران 86 لک رپيا خرچ ڪيا ويا، ڊاڪٽرن ۽ مريضن جي سيڪيورٽي جي مد ۾ 10 لک 63 هزار رپيا خرچ ٿيڻ باوجود اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ عملي مٿان تشدد وارا واقعا سامهون آيا. ٻئي طرف ورتل جائزي موجب  سول اسپتال  ۾ روزانو 5 هزار کان وڌيڪ مريض او پي ڊي ۾ اچن ٿا، جڏهن ته اسپتال ۾ 47 مختلف وارڊ آهن، جنهن ۾ سوين مريض داخل هجن ٿا، انهي باوجود اسپتال ۾ مريضن سان گڏ ايندڙ وارثن جي آرام لاءِ رڳو 30 کان 40 ماڻهن جي گنجائش وارو هال موجود آهي، جنهن ڪري مختلف شهرن حيدرآباد، لاڙڪاڻو، بدين، ٺٽو، سجاول، ٽنڊوالهيار، ڄامشوري مان ايندڙ مريضن جا وارث فوٽ پاٿن تي بي يارومددگار بڻيل هجن ٿا. ان حوالي سان اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته روزانو 7 کان 8 هزار تائين او پي ڊي ٿئي ٿي، جڏهن ته  دوائن جي ڪا به کوٽ ناهي.