ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ کي آزاد ڪيو ويو آهي، حليم عادل شيخ کي جناح اسپتال مان جيل اختيارين آزاد ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ هاِءِ ڪورٽ پاران حليم عادل شيخ جي ضمانت منظور ڪئي وئي هئي، اپوزيشن اڳواڻ حليم عادل شيخ کي ملير ۾ ننڍي چونڊ دوران هنگامي ۽ جهيڙي کانپوءِ گرفتار ڪيو ويو هو.