ڪراچي: ڪراچي سميت ڏاکڻي سنڌ ۾ اڄ ۽ سڀاڻي وسڪارو ٿيندو، موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ برساتن جو شروع ٿيل سلسلو ڪجهه ڏينهن تائين جاري رهندو، اڄ ۽ سڀاڻي ڪراچي سميت ڏاکڻي سنڌ ۾ وسڪارو ٿيندو، جيڪو 4 تاريخ تائين جاري رهندو، جنهن بعد 6 سيپٽمبر کان وري ٻن ڏينهن تائين برسات ٿي سگهي ٿي، اهڙي ريت وري هڪ ڏينهن جي وقفي کانپوءِ 9 سيپٽمبر کان برسات جي وسڪاري جو امڪان آهي.




























