سنڌ ۾ ڪٿي هلڪو ته ڪٿي گجگوڙ سان وسڪارو، اڪثر علائقا پاڻي هيٺ

0
272
سنڌ ۾ ڪٿي هلڪو ته

 

سنڌ ۾ ڪٿي هلڪو ته ڪٿي گجگوڙ سان وسڪارو جاري آهي، جنهن سبب مختلف علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن

ڪراچي ۾ ٻوسٽ کانپوءِ ڪڪر ڪڙڪاٽ ڪري وسي پيا، رستن تي پاڻي بيهجي وڃڻ سبب ٽرئفڪ شديد متاثر ٿي وئي آهي

ڪراچي جي صدر، ڪلفٽن، ڊفينس، ملير، قائد آباد، ڪورنگي، لانڍي ۽ ٻين علائقن ۾ گجگوڙ سان برسات بعد روڊ رستن تي گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو آهي

حيدرآباد، نوشهروفيروز، دريا خان مري، پڊ عيدن، قاضي احمد، دوڙ، فيض گنج، ڪوٽ لالو، سٺ ميل، ڪرونڊي، ماتلي ۽ ڀرپاسي تيز وسڪارو ٿيو آهي

شهدادپور، محرابپور، ٽنڊو آدم، ڪُنري، ڄام نواز علي ۽ جهول ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات بعد رستن ۽ گهٽين سوڌو هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو، جڏهن ته بجلي ۽ مواصلاتي نظام ڊانواڊول ٿيڻ سبب شهري ٻٽي عذاب ۾ مبتلا آهن

وڏي وزير طرفان ڪراچي ۾ برسات پاڻي ترت نيڪال ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، انتظاميا، پوليس ۽ بلدياتي ادارن کي برسات دوران عوام جو خيال رکڻ جي پڻ هدايت ڪئي وئي آهي