ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي ۾ سمنڊ ۾ ٽپو ڏيندڙ خاتون فزيو ٿراپسٽ جو لاش هٿ، ناري سان زيادتي جو انڪشاف، ڊاڪٽر ۽ سندس ملازمه گرفتار، ڪيس داخل، ان ڏس ۾ جمعي واري ڏينهن سي ويو وٽ سمنڊ ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪندڙ اعظم بستي واسڻ فزيو ٿراپسٽ سارہ ملڪ جو لاش سمنڊ مان هٿ ڪيو ويو، لاش جناح اسپتال مان ضابطي جي ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻئي طرف ايس پي انويسٽيگيشن زاهده پروين موجب وارثن ساحل ٿاڻي تي ڊفينس ۾ واقع جانورن جي اسپتال جي مالڪ ڊاڪٽر شان سليم ۽ سندس خاتون ملازمه بسمه  خلاف ڪيس داخل ڪرايو آهي،اسان کين حراست ۾ ورتو آهي، فريادي ابرار احمد ڄاڻايو ته منهنجي ڌيءَ 2 سالن کان جانورن جي اسپتال ۾ ڊاڪٽر شان سليم ۽ بسمه سان گڏ ڪم ڪندي هئي، جمعي واري ڏينهن منهنجي ڌيءَ پنهنجي ماءُ کي ڪال ڪري چيو ته آئون ڊاڪٽر شان سليم ۽ بسمه  کان پريشان آهيان. فريادي موجب منهنجي ڌيءَ ماءُ کي ٻڌايو ته ڊاڪٽر شان ساڻس زيادتي ڪئي آهي، جنهن تي منهنجي گهرواري ساره کي چيو ته تون واپس گهر اچ پر ساره گهر نه آئي،  شام جو ڊاڪٽر شان سليم فون ڪري ٻڌايو ته ساره لاپتا آهي، شهر جي ڪلاڪ ٽاور وٽان سندس پرس مليو آهي. اهڙي اطلاع بعد اسان پوليس کي اگاهي ڏني.