ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ زهريلي شيءَ کائڻ سبب 3 معصوم ٻارڙا فوت، امڙ جي حالت نازڪ، ان ڏس ۾ گلستان جوهر جي بلاڪ 19 ۾ واقع رئوف رائل سٽي ۾ مبينه طور زهريلي شيءَ کائڻ سبب نورين زال محمد عمران ۽ سندس 3 ٻارڙن 6 ورهين جي ارشان، 8 سالن جي زيدان ۽ ايشال جي طبيعت خراب ٿي پئي، جن کي پٽيل اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٽئي ٻارڙا اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي فوت ٿي ويا. اسپتال انتظاميا موجب ٻارڙن کي مرده حالت ۾ اسپتال آندو ويو هو. جڏهن ته نورين جي طبيعت به ڳڻتي جوڳي آهي، سندس زندگي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ٻئي طرف پوليس ڄاڻايل فليٽ کي سيل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. هوڏانهن ايس ڊي پي او شاهراهه فيصل اقبال شيخ موجب ابتدائي طور اهو معلوم ٿيو آهي ته نورين رات جو ماڪوڙا مارڻ لاءِ فليٽ ۾ اسپري ڪيو هو، لڳي ٿو ته تمام گھڻو اسپري ٿيڻ سبب ٻارڙن جي طبيعت خراب ٿي. ٻئي پاسي علائقي ۾ اهي به چوٻول هليا ته نورين پنهنجي مڙس کان ناراض ٿي ٻارن سميت الڳ فليٽ ۾ رهندي هئي. جڏهن ته ايس ڊي پي او اقبال شيخ موجب ميڊيڪل رپورٽ کان اڳ ڪجهه به نٿو چئي سگھجي، جاچ ڪئي پئي وڃي