ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار ريڊ لائين پراجيڪٽ جي ڪوريڊور ۾ ايندڙ سمورين حددخلين کي 7 ڏينهن اندر هٽائڻ جو حڪم، يوٽيلٽيز جي منتقلي ۾ سستي ڪي اليڪٽرڪ تي ناراضپو، ان ڏس ۾ ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ۾ ريڊ لائين پراجيڪٽ بابت ڪي اليڪٽرڪ سميت يوٽلٽي ڪمپنين جو اجلاس ٿيو، ان موقعي تي شرجيل انعام ميمڻ ڪي اليڪٽرڪ پاران يوٽيلٽيز جي منتقلي ۾ سستي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ريڊلائين عوامي مفادن جو پروجيڪٽ آهي، ڪي اليڪٽرڪ ڪري پراجيڪٽ ۾ ڪنهن به قسم جي دير برداشت نٿا ڪري سگهون. صوبائي وزير ٽرانسپورٽ جي سيڪريٽري، ڪمشنر ڪراچي ۽ سي اي او ٽرانس ڪراچي کي اڄ ڪي اليڪٽرڪ چيف سان اجلاس ڪري سموري انسٽاليشن  منتقل ڪرائڻ جي هدايت ڪئي، صوبائي وزير ڪي اليڪٽرڪ کي ريڊ لائين لاءِ ڪي اليڪٽرڪ پاران پروجيڪٽ مينيجر مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پراجيڪٽ مينيجر روزاني جي بنياد تي ريڊ لائين پروجيڪٽ مان ڪي اليڪٽرڪ جي انسٽاليشن جي منتقلي جي ڪم جي نگراني ڪندو صوبائي وزير ڪراچي انتظاميا کي ريڊ لائين پراجيڪٽ جي ڪوريڊور ۾ اچڻ واريون سموريو ن حددخليون 7 ڏينهن اندر هٽائڻ جا پڻ حڪم ڏنا.