ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي ۽ رينجرز جي ڪارروائي، ريڊ بوڪ ۾ شامل دهشتگرد گرفتار، انچارج  سي ٽي ڊي موجب سي ٽي ڊي ۽ رينجرز سائيٽ ايريا ۾ نورس چورنگي وٽ ڪارروائي ڪري دهشتگرد محمد الياس پٽ خيال محمد کي گرفتار ڪري ورتو، تحريڪ طالبان سان تعلق رکندڙ دهشتگرد الياس  قاري شاڪر الله جو ويجهو ساٿي آهي، هن گرفتاري کان بچڻ لاءِ سعودي عرب ۾ روپوشي اختيار ڪئي هئي. انچارج سي ٽي ڊي موجب دهشتگرد محمد الياس 2012 ۾ تحريڪ طالبان (خليفا عمر منصور گروپ) ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي، جوابدار جو نالو ريڊ بوڪ جي صفحي نمبر 51 ۾ ڏنل آهي