ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي سنڌي مسلم سوسائٽي ۾ رينجرز ۽ پوليس گڏيل ڪارروائي ڪري اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. رينجرز ترجمان موجب گرفتار جوابدارن ۾ فيضان عرف ڀوري، ساجد عرف چينو،اسلم عرف پني  ۽ معيذ عرف ملنگي شامل آهن، سندن قبضي مان هٿيار، ڦر ڪيل  موٽرسائيڪل ۽ موبائيل فون هٿ ڪيا ويا، جوابدارن ڪيترن ئي ڏوهن جو اعتراف  ڪيو، آهي  جوابدارن کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس حوالي ڪيو ويو0