ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ فيڊريشن آف پرائيويٽ اسڪولز جي عهديدار خالد رضا جي قتل جي جاچ سي ٽي ڊي کي منتقل ڪرڻ جو فيصلو، ڪيس پڻ داخل، ان ڏس ۾ گلستان جوهر ٿاڻي تي مقتول خالد رضا جي ڀاءُ داخل ڪرايل ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته آچر جي رات جو 8 لڳي 12 منٽن تي هٿياربندن فائرنگ ڪري خالد رضا کي قتل ڪيو، فائرنگ جو آواز ٻڌي گهٽي ۾ گوڙ ٿيو، ، مون گهر مان نڪري ڏٺو ته موٽر سائيڪل سوار 2 جوابدار تيزي سان روڊ طرف فرار ٿي رهيا هئا، ٻاهر اچي ڏٺم ته منهنجو ڀاءُ رت ۾ ڳاڙهو ٿيل هو ، آئون ڀاءُ کي سچل ۾ واقع نجي اسپتال کڻي آيس، جتي ڊاڪٽرن موت جي تصديق ڪئي. پوليس ذريعن موجب خالد رضا جي قتل جي ذميواري پابندي مڙهيل تنظيم قبولي آهي، ٽارگيٽ ڪلنگ جي ڪيسن جي جاچ سي ٽي ڊي ڪندو آهي، انهي ڪري اهو ڪيس کين منتقل ڪبو