ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ هٿياربندن هٿان قتل ٿيل فيڊريشن آف پرائيويٽ اسڪولز  جي نائب صدر خالد رضا جي قتل جي جاچ جاري، پابندي مڙهيل تنظيم واقعي جي ذميواري قبولي ورتي، جماعت اسلامي کي پرڏيهي ايجنسي جي ملوث هجڻ جو شڪ،  ان ڏس ۾ آچر ڏهاڙي گلستان جوهر جي بلاڪ 7 ۾ انورالقرآن وٽ هٿياربندن فائرنگ ڪري خالد رضا کي قتل ڪيو هو. پوليس جوابدارن جا سي سي ٽي وي فوٽيج  هٿ ڪري ورتا، وڊيو ۾ واردات بعد جوابدارن کي فرار ٿيندي ڏسي سگھجي ٿو.پوليس موجب جوابدارن جو تعداد 2 هو، جيڪي موٽرسائيڪل تي سوار هئا، انهن خالد رضا کي گھر ٻاهران قتل ڪيو. پوليس موجب خالد رضا کي مٿي ۾ هڪ گولي هنئي وئي، واردات ۾ نئون هٿيار استعمال ڪيو ويو. پوليس موجب جاچ ڪريون پيا ته ڪٿي ڪا پرڏيهي ايجنسي ته قتل ۾ ملوث ناهي، ڇاڪاڻ  خالد رضا ال ارقم اسڪول سسٽم جو ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ فيڊريشن آف پرائيويٽ اسڪولز جو وائس چيئرمين هجڻ سان گڏ البدر تنظيم جو حصو رهيو. ٻئي پاسي سيد خالد رضا جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن بعد کيس ماڊل ڪالوني واري قبرستان ۾ مٽي ماءَ حوالي ڪيو ويو. جنازي نماز ۾ اين اي ڊي يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر سروش لوڌي، جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان ۽ علائقي واسين توڙي وارثن شرڪت ڪئي. هوڏانهن ميڊيا سان ڳالهائيندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته خالد رضا ڪشمير جي آزادي جو مجاهد هو، هن چيو ته خالد رضا جو قتل نج ٽارگيٽ ڪلنگ آهي، شهر ۾ ڀارتي ايجنسي را متحرڪ ٿي وئي آهي. هوڏانهن پابندي مڙهيل تنظيم ايس آر اي خالد رضا جي قتل جي ذميواري قبول ڪري ورتي آهي، ٻئي طرف شهر جا سمورا خانگي اسڪول خالد رضا جي سوڳ ۾ بند رهيا