ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ اڳواڻ حسان نيازيءَ تي وڌيڪ هڪ ٻيو ڪيس پشاور ۾ داخل، راهداري رمانڊ لاءِ سٽي ڪورٽ ۾ پيش، پي ٽي آءِ وڪيلن ۽ پوليس ۾ جهڙپون، هڪ ٻئي کي ڌڪا، هٿ ڪڙيون کولڻ واريون چاٻيون گم، وڪيلن ڊي ايس پي سعيد رند کي عدالتي ڪمري مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، عدالت جوابدار جي خيبر پختونخوا ۾ داخل ڪيس ۾ ضمانت منظور ڪندي کيس 48 ڪلاڪن اندر لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي، ايڊيشنل اينڊ ڊسٽرڪٽ جج اوڀر جي عدالت ۾  پي ٽي آءِ اڳواڻ حسان نيازي کي پشاور جي ڪينٽ ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ راهداري رمانڊ لاءِ پيش ڪيو ويو، عدالت حسان نيازي جي ضمانت هڪ لک مچلڪن عيوض منظور ڪندي کيس 48 ڪلاڪن اندر ڪي پي ڪي جي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ضمانت ملڻ بعد پي ٽي آءِ اڳواڻن فوري طور حسان نيازي جون ھٿڪڙيون کولڻ جو مطالبو ڪيو، ان موقعي تي پي ٽي آءِ وڪيلن ۽ پوليس وچ ۾ ھڪ دفعو ٻيھر جھيڙو ٿي پيو،  ڊي ايس پي سعيد رند وڪيلن کي چيو ته ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ کانپوءِ ئي ھٿڪڙيون کلنديون، وڪيلن ڊي ايس پي سعيد رند کي عدالتي ڪمري مان ٻاھر ڪڍي ڇڏيو، ضمانت ملڻ بعد حسان نيازي جي ھٿڪڙين جون چاٻيون گم ٿي ويون، پوليس اھلڪار ھڪ ٻئي تي الزام ھڻندا رھيا، ان موقعي تي مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ پوليس کي چاٻيون جلد آڻڻ جون صدائون ڪندو رھيو، آخرڪار پوليس جوابدار حسان نيازيءَ جون هٿ ڪڙيون کولي ڇڏيون، جنهن بعد پي ٽي آءِ اڳواڻ علي زيدي وڪيلن جي ٽيمن سان گڏ پنهنجي گاڏي ۾ جوابدار حسان نيازي کي کڻي روانو ٿي ويو،  پي ٽي آء اڳواڻن حسان نيازي کي ضمانت ملڻ جي خوشي ۾ نعريبازي به ڪئي،  ان موقعي تي حليم عادل شيخ، آفتاب صديقي ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ پڻ موجود هئا، واضح رهي ته ڪالهه عدالت حسان نيازي کي 24 ڪلاڪن اندر لاهور منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.