ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ جسٽس اعجاز الحسن ۽ جسٽس  قاضي محمد امين تي ٻڌل لارجر بينچ اڄ 24 نومبر تي ڪراچي رجسٽري ۾ اهم ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندي، عدالت پاران سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه، چيف سيڪريٽري ۽ ڪراچي جي ڪمشنر کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، عدالت پاران پي آءِ اي جي چيئرمين، سمورن ڪينٽونمينٽ بورڊن جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسرن، ايس بي سي اي ۽ ڪي ڊي اي جي ڊي جي، آباد جي چيئرمين، سول ايوي ايشن جي ڊي جي، آءِ جي سنڌ، ايم ڊي واٽر بورڊ، ملٽري اسٽيٽ آفيس، ڪي ايم سي جي ميونسپل ڪمشنر، سيڪريٽري ريلويز، وفاقي گهرو سيڪريٽري، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. رجسٽري ۾ ڪراچي حددخليون ڪيس، ڪراچي جي 35 هزار فلاحي پلاٽن ۽ پارڪن تي قبضن ، غير قانوني شادي هالز جي اڏاوت، جيڪب آباد جي سرڪاري ايراِضي تي قبضي، اڳوڻو سٽي ناظم نعمت الله عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.