ڪراچي: سنڌ ڪابينا ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي جي زمين تي  ڪراچي جي 2 گٽر نالن جي متاثرين کي 6500 گهر ٺاهي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪالهه ڪابينا اجلاس ۾ ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه  چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو گجر محمود آباد ۽ اورنگي ٽائون نالن  جي متاثرين کي آباد ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، اسان متاثرن لاءِ ملير اٿارٽي جي 248 ايڪڙ زمين ۽ ِ هڪ ارب رپيا مختص ڪيا آهن، اجلاس ۾ صوبائي وزير ناصر شاهه تجويز ڏني ته متاثرين کي 80 والن جو پلاٽ ۽ ان جي اڏاوت لاءِ پئسا ڏنا وڃن، يا انهن گهرن جي اڏاوت جي ذميواري مڪاني کاتي کي ڏني وڃي، ايم ڊي اي متاثرن  لاءِ 248 ايڪڙ زمين مڪاني کاتي کي ڏئي ڇڏي آهي، ڪابينا ميمبرن اتفاق ڪيو ته 6500 متاثرين کي گهر ٺهرائي ڏنا وڃن، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته متاثرين کي پلاٽ ڏيڻ سان اتي ريئل اسٽيٽ جو ڪاروبار شروع ٿي ويندو، انهي ڪري کين عزت ڀرئي طريقي سان گهر فراهم ڪرڻ لاءِ ڪنهن فرم کان گهر ٺهرائي ڏنا وڃن، وڏي وزير مرتضيٰ وهاب کي هدايت ڪئي ته هو متاثرن جي گهرن جي اڏاوت لاءِ سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪري ته بحريا ٽائون فنڊ مان 10 ارب رپين جي رقم جاري ڪرائي، صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته متاثرين جي هر خاندان کي ماهوار مسواڙ جي مد ۾ 15 هزار رپيا ڏيون پيا