ڪراچي:  ڪراچي  جي 3 جنرل ڪائونسلرن مخالف اميدوارن جي ڪاميابي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪري ڇڏيو، جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙي ٻڌڻي جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو ته اسان جي بينچ سروسز ڪيسن کي ڏسي رھي آھي، توھان لاڳاپيل بينچ سان رابطو ڪريو، اميدوارن جي وڪيل مير محمد رفيق جو چوڻ هو ته ساجد الرحمان يوسي 2 وارڊ ھڪ ڪياماڙي ٽائون مان اليڪشن وڙھيو، سجاد الرحمان جو تعلق پي ٽي آءِ سان آهي، اليڪشن ڪميشن نتيجن ۾ تبديلي ڪري پ پ اميدوار الرؤف کي ڪامياب ڪرايو ويوآھي، سيد شير علي شاهه وارڊ نمبر 4 يوسي 2 بلديا ٽائون مان  اليڪشن وڙهيو هو، جماعت اسلامي جي سيد شير شاھ 107 ووٽ حاصل ڪيا جڏهن ته پ پ اميدوار وزير محمد 102 ووٽ حاصل ٻئي نمبر تي رھيو، نعمت خان يوسي 2 وارڊ نمبر 2 اتحاد ٽائون مان  اليڪشن ۾ حصو ورتو، نعمت خان 443 ووٽ حاصل ڪيا، پ پ جي شمير احمد کي نعمت خان جي مقابلي ۾ 377 ووٽ مليا، ٽنهي درخواستن جي ٻڌڻي جي استدعا ڪئي وئي پر عدالت درخواستون ٻڌڻ کان انڪار ڪري لاڳاپيل بئنچ ڏانهن وڃڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو.