ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ ڊرگ اٿارٽي جي اختيارين ڪراچي ۾ هڪ گدام تي ڇاپو هڻي 25 ڪروڙ جي ماليت جون ذخيرو ڪيل دوائون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ڇاپي دوران ساڍا 4 ڪروڙ رپين جي ماليت جون  پيناڊول ٽڪيون پڻ هٿ آيون ان حوالي سان ڪالهه صوبائي ڊرگ انسپيڪٽر دلاور جسڪاڻي جي اڳواڻي ۾ ڊرگ ٽيم هاڪس بي ويجھو هڪ گدام تي ڇاپو هنيو، جنهن  دوران صوبي جي دوائن واري مارڪيٽ توڙي خانگي ۽ سرڪاري اسپتالن مان غائب ٿيل پيناڊول گورين جو به وڏي انگ ۾ ذخيرو هٿ ڪيو ويو. ڊرگ انسپيڪٽر دلاور جسڪاڻي جو چوڻ آهي ته هٿ ڪيل پيناڊول گورين جي ماليت ساڍا 4 ڪروڙ رپيا آهي، جڏهن ته ذخيرو ڪيل دوائن جي مجموعي ماليت 25 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي. ڊرگ اختيارين جو چوڻ آهي ته صوبي ۾ اوپن مارڪيٽ مان دوائون گم ڪري ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي ان حوالي سان ضلعي سطح تي ٽيمون به قائم ڪيون ويون آهن.