ڪراچي جي ٽن ڊپٽي ڪمشنرن کي عهدن تان هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم

0
185
سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ لفٽون خراب،آفيسرن شڪايت ڪري ڇڏي
سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ لفٽون خراب،آفيسرن شڪايت ڪري ڇڏي

ڪراچي: سنڌ حڪومت صوبائي راڄڌاني واري شهر ۾ مقرر ٽن ڊپٽي ڪمشنرز کي هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي

ڊي سي ڪورنگي سليم اوڍو، ڊي سي ايسٽ آصف جان صديقي ۽ ڊي سي ويسٽ زين العابدين انصاري کي عهدن تان هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو

فياض راهوجو کي ڊي سي ڪورنگي مقرر ڪيو ويو آهي، غلام قادر ٽالپر ڊي سي ويسٽ ۽ راجا طارق ڊي سي ايسٽ مقرر ٿي ويا آهن، ايسٽ ۾ مقرر ڪيل راجا طارق کي ڪجھ ڏينھن اڳ سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ بورڊ مقرر ڪيو ويو هو

چيف سيڪريٽري جي منظوري بعد سروسز کاتي جي اختيارين نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا آهن

ھي به پڙھندا

عمرڪوٽ: جي ڊي اي جا اميدوار عدالت مان رليف وٺڻ ۾ ڪامياب