ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ اي وي سي ايل جون ڪارروائيون، ٻن عورتن سوڌو 7 جوابدار گرفتار

0
207

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ اي وي ايل سي ڪارروائي ڪري ڪارز چوري ۾ ملوث ٻن عورتن سوڌو 7 رڪني گروهه کي گرفتار ڪري ورتو، اي وي ايل سي جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن ۾ شجاعت، دانش، عطاالله، احتشام، دانيال، قرت العين ۽ ڪنول شامل آهن، جوابدارن جي قبضي مان چوري ٿيل 6 ڪارون هٿ ڪيون ويون آهن، اي وي ايل سي جو چوڻ آهي ته هٿ ڪيل گاڏين ۾ هنڊا سوڪ، هنڊا سٽي، سوزوڪي ڪلٽس ۽ آلٽو شامل آهن جيڪي ڪراچي جي مختلف علائقن مان چوري ڪيون ويون آهن جن جا ڪيس به داخل ٿيل آهن، ايس ايس پي عارف اسلم رائو موجب گرفتار جوابدارن ۾ زال مڙس ۽ ڏير به شامل آهن، جوابدار نشي ۽ تفريح لاءِ ڪارون چوري ڪندا هئا، هنن ٻه ڪارون کپائي به ڇڏيون آهن، قرت العين جو ڏير پنهنجي مرحوم ڀاءُ جي ايڪسائيز پوليس جي وردي استعمال ڪندو هو، سندس والده کي خبر پئي ته هن وردي ساڙي ڇڏي، مجموعي طور جوابدارن 20 گاڏيون چوري ڪري چڪا آهن، جوابدار دانيال ڪنهن به ڪار کي کولڻ جي مهارت رکي ٿو، جوابدارن کان وڌيڪ جاچ جاري آهي..