حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته انهن حڪومت کي چيو آهي ته جيڪڏهن ڪراچي ۽ حيدرآباد جي عوام کي سهي نه ڳڻيو ويو ته هو پنهنجا خراب ڏينهن ڳڻڻ شروع ڪري ڇڏين ڇاڪاڻ ته پهرين هو غربت کي بچائين پوءِ سياست بچائيندا رهن. خدمت خلق فائونڊيشن ۾ قائم ميڊيڪل ڪئمپ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته انهن جاگيردارن کي نه پر غريب ۽ پڙهيل طبقي کي ايوان تائين پهچايو آهي. پيپلزپارٽي آدمشماري تي يقين نٿي رکي پر هو کيس ٻڌائڻ ٿا چاهين ته هي غلامن جا شهر ناهن ۽ اسان ايترا شريف ناهيون ۽ شريف ڏاڍا خطرناڪ ٿين ٿا. هن چيو ته اسان نظام لاءِ ڄڻ ته خطرو آهيون جو ايم ڪيو ايم کانسواءِ سڀني کي رليف ملي ٿو. اسان جي سياست جي بنياد تي خدمت آهي ۽ اسان طبقاتي جدوجهد جو آغاز پهرين ڏينهن کان ڪري ڏيکاريو. هن چيو ته جاگيرداراڻي جمهوريت جي ايوانن ۾ انهن عام ماڻهو کي پهچايو. 2018ع ۾ جن کٽيو اهي به حيران هئا ۽ جن کٽرايو اهي پريشان هئا. هن چيو ته کين اڃا سياست ڪرڻ جو وقت ئي مليو نه آهي ۽ پاڪستان جو نصيب تڏهن تبديل ٿيندو جڏهن علم ۽ انصاف سڀني لاءِ هوندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آدشماري ۾ وومين ائيرر جي ڪري ٽيڪنالاجي کي متعارف ڪرايو ويو آهي.