ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ترقياتي ڪمن لاءِ مختص فنڊن ۾ بي ضابطگيون، عدالت ايف بي آر ۽ ايڊيشنل اي جي سنڌ کان جواب طلب ڪري ورتو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾  ڪراچي جي ترقياتي ڪمن لاءِ مختص فنڊن ۾ بي ضابطگين خلاف درخواست جي ٻڌڻي دوران عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته گذريل ٽن سالن دوران ڪراچي مان ڪيترو ٽيڪس گڏ ڪيو ويو ۽ ڪيتري رقم ترقياتي ڪمن تي ڪيتري خرچ ڪئي وئي؟ صوبائي حڪومت ٻڌائي ته گذريل ٽن سالن ۾ ڪيترو سيلز ٽيڪس ۽ ڪيتري رقم ٻين ٽيڪسن مان حاصل ڪئي وئي. ايڊيشنل اي جي سنڌ ٽيڪس روينيو جا تفصيل پيش ڪري، عدالت سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جي صدر کي به نوٽيس جاري ڪندي مدد لاءِ طلب ڪري ورتو. درخواست گذار چيو ته ڪراچي جي ترقياتي ڪمن لاءِ ورلڊ بينڪ طرفان فنڊ ڏنا ويا آهن، 3600 ملين رپين جي فنڊن ۾ بي ضابطگيون ڪيون ويون آهن، عدالت ايف بي آر ۽ ايڊيشنل اي جي سنڌ کان جواب طلب ڪري ورتو.