ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) ۾ ڪراچي ڪنگز جي ٽيم جي اڳوڻي ڪوچ  هرشل گبز قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم بابت تبصرو ڪندي چيو آهي ته هو چيو ناهي مڃيندو. هرشل گبز جو چوڻ هو ته بابر اعظم پنهنجي انداز ۾ اٽيڪنگ آپشن کي شامل ڪري وجھي ته اسٽرائيڪ ريٽ بهتر ڪري سگهي ٿو. ٽوئيٽر تي هڪ مداح گبز کان سوال ڪيوته ڇا توهان ڪراچي ڪنگز کي ڪوچنگ دوران بابر سان ان مسئلي تي ڪم ڪيو؟ جنهن تي هرشل گبز جواب ڏنو ته بابر پنهنجي دنيا ۾ رهندو آهي،بيٽنگ تي ٻين جون صلاحون ناهي ٻڌندو. ياد رهي ته ايشيا ڪپ ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم آئوٽ آف فارم نظر آيو. فائنل ۾ سري لنڪان پاڪستان کي شڪست ڏئي ٽائٽل پنهنجي نانءُ ڪيو هو.