ھالا(ن پ ا) هالا ۾ مخدوم غوث الحق المعروف مخدوم نوح سرور جو ڇهه ماهي عرس ملهايو ويو. ان موقعي تي مخدوم جميل الزمان ڳالهائيندي چيو ته جيڪو به اميدوار اليڪشن هارائيندو آهي اهو پنهنجي سامهون بيٺل اميدوار تي ڌانڌلي ڪرڻ جو الزام هڻندو آهي اها ملڪ ۾ روايت بڻجي  ويئي آهي، ڪراچي ۾ ميئران پارٽي جو ٿيندو جنهن وٽ اڪثريت جو ميڊيٽ هوندو، درگاهه سرور نوح جي گادي نشين ۽ ميمبر قومي اسيمبلي مخدوم جميل الزمان درگاهه سرور نوح تي مخدوم غوث الحق سرورنوح جي ڇهه ماهي(سائي سومار) جي موقعي تي مزار تي حاضري ۽ مريدن کي زيارت ڪرائڻ بعد مقامي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته مڪاني چونڊن ۾ سنڌ جي عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پارٽي جي اميدوارن کي وڏي اڪثريت سان ووٽ ڏيئي ڪامياب ڪرايو آهي ۽ اهڙي طرح ايندڙ قومي چونڊن ۾ به سنڌ جيان پوري ملڪ جو عوام پيپلزپارٽي جي اميدوارن کي ووٽ ڏيئي بلاول ڀٽو زرداري کي ملڪ جو وزيراعظم ڪندو. ملڪ ۾ ڌونڌڙ مهنگائي متعلق پڇيل سوال جي جواب ۾ مخدوم جميل الزمان چيو ته دنيا ڀر معاشي حالت تحت ملڪ ۾ مهنگائي زور پڪڙي رهي آهي ۽ انشاءاللہ ملڪ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت قائم ٿيندي ئي عوام کي رليف ڏياريندي. ان موقعي ساڻس گڏ سيد ممتاز شاهه، ميرمسرت جعفري، نديم ڏاهري، بابو هموپوٽو، لقمان راجپوت، گل محمد پنهور، رياض توڪل  ميمڻ جن هئا. ان کان اڳ درگاهه سرور نوح کي رنگين بلبن سان سينگاريو ويو، جڏهن ته ميونسپل انتظاميه ھالا پاران درگاهه کان مخدوم هائوس ۽  باب النوح گيٽ تائين صفائي ۽ روشني جو خاص انتظام ڪيا ويا. عرس جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ هالا پهچندڙ سروري مريدن، زائرين جي رهائش لاءِ بوائز هاء اسڪول، مخدوم خليق الزمان گرلس پرائمري اسڪول، درگاهه ۽ اوطارن ۾ رهائش جو بندوبست ڪيو ويو هو. درگاهه سرور نوح جو گادي نشين مخدوم جميل الزمان  خصوصي طور شرڪت ڪندي درگاهه تي حاضري ڀري ۽ مريدن کي زيارت ڪرائي.