ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه چيو آهي ته جناح اسپتال ۾ سائبر نائف ۽ ٽوموٿراپي جون سھولتون موجود آھن،  اسان پنھنجن اسپتالن ۾ بنافرق جي مفت علاج مھيا ڪندا آھيون، ڪينسر جو علاج مهانگو هجڻ ڪري عام جي پهچ کان پري آهي پر سنڌ سرڪار ڪينسر جو مفت علاج ڪري رهي آهي. ڪراچي جون 3 اسپتالون وفاق کي ڏيڻ چريائپ وارو فيصلو هو،  ڪالهه سنڌ حڪومت ۽ پيشنٽ ايڊ فائونڊيشن وچ ۾ ورڪنگ پارٽنرشپ کي هٿي ڏيڻ واري معاھدي تي صحيحون ڪرڻ بابت مقامي هوٽل ۾ تقريب ٿي، جنهن م وڏي وزير جناح پوسٽ گريجوئيٽس ميڊيڪل سينٽر (جي پي ايم سي) ۾ پراڻي سائبر نائيف مشينن ۽ اوزان کي جديد ترين ٽيڪنالاجي ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ   پيشنٽ ايڊ فائونڊيشن (پي اي ايف) کي 4.1 ملين ڊالرز جي برابر گرانٽ ڏيڻ جو اعلان به ڪيو،  تقريب ۾ ٻڌايو ويو ته سائبر نائف جي سھولت لاءِ 2000 مريض ويٽنگ لسٽ ( انتظار ) ۾ آھن. جنهن تي وڏي وزير اهڙي سنگين صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ پيشنٽ ايڊ فائونڊيشن جي سالياني گرانٽ 340 ملين کان وڌائي 540 ملين رپيا ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو. وڏي وزير چيو ته پيشنٽ ايڊ فائونڊينش سائبر نائف ۽ ٽوموٿراپي جون ٻھ مشينون لڳايون آھن، جن کي سنڌ حڪومت ۽ پي اي ايف گڏيل طور ھلائي رھيون آھن. هن چيو ته اسان تاريخي شراڪت داريءَ کي باضابطا طور بڻائڻ لاءِ پيشنٽ ايڊ فائونڊيشن ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ جناح اسپتال جي مختلف سھولتن کي ھلائڻ لاءِ 25 سالن جي معاھدي تي صحيحون ڪيون آھن  ته جيئن مفت چڪاس ۽ علاج جي سهوليتن کي بهتر بڻائي سگھجي. وڏي وزير موجب جناح اسپتال پاڪستان جي واحد پبلڪ سيڪٽر اسپتال آھي، جتي ڪينسر جي مفت پيٽ سي ٽي ۽ پيٽ ايم آر فراھم ڪئي پئي وڃي، ھن چيو ته پاڪستان ۾ ڪٿي به پيٽ سي ٽي اسڪين جي سھولت مفت ناهي. في سي ٽي اسڪين تي 90000 رپيا خرچ ايندو آھي. وڏي وزير چيو تھ ڊاڪٽرن ٻڌايو آھي ته ڪينسر جي مريضن کي علاج دوران 2 کان 3 پيٽ سي ٽي اسڪين جي ضرورت پوندي آھي. ھن چيو ته جناح اسپتال ۾ پيٽ اسڪين ۽ سائڪلوٽرون به سنڌ حڪومت ۽ پيشنٽ ايڊ فائونڊيشن جو گڏيل منصوبو آھي، ان موقعي تي جناح اسپتال جي سائبر نائف يونٽ جي سربراھه پروفيسر طارق رفيع چيو ته پاڪستان جي 167 شھرن ۽ 15 ملڪن جي مريضن جناح اسپتال ۾ مفت علاج جي سھولتن مان فائدو ورتو آھي، مريضن جي انگ ۾ ڏيھون ڏينھن واڌ ٿي رھي آھي، پيشنٽ ايڊ فائونڊيشن جي چيئرمين مشتاق ڇاپرا خطاب ڪندي چيو ته ادارا محنت ۽ سچائيءَ سان جڙندا آھن،  سنڌ ۾ ادارن کي قائم ۽ مضبوط ڪرڻ پويان وڏي وزير سيد مراد علي شاھه جو ھٿ آھي.