ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ جوابدار اڳوڻي زال تي تيزاب هاري ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل، جوابدار  گرفتار، ان ڏس ۾  ڪالهه گوليمار جي علائقي پاڪ ڪالوني ۾ بڙا بورڊ وٽ هڪ عورت صائمه  ڊيوٽي تي وڃي رهي هئي ته جوابدار فرحان مٿس تيزاب هاري ڇڏيو، پوليس موجب تيزاب سبب صائمه جو چهرو ۽ هٿ سڙي ويا، جنهن کي فوري طور برنس وارڊ منتقل ڪيو ويو. پوليس فرحان کي گرفتار ڪري  ڪيس داخل ڪيو  آهي