ڪراچي جا شهري شديد گرمي کي منهن ڏيڻ لاءِ ٿي وڃن هوشيار

0
210

ڪراچي(م ڊ) ڀارتي رياست گجرات ۽ راجسٿان ۾ موجود هوا جي گهٽ دٻاءُ جا اثر ڪراچي ۾ گرمي جي صورت ۾ نظر اچي رهيا آهن، ايندڙ ٽن چئين ڏينهن ۾ موسم گرم ۽ پارو 40 ڊگري تائي پهچي سگهي ٿو.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته هوا جي گهٽ دٻاءُ جي ڪري شهر ۾ سامونڊي هوائون ڏينهن جي وقت معطل رهنديون ۽ گرم هوائون ڏينهن ۾ گهلنديون.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڙيسه جي سمنڊ تي به ڊيپريشن موجود آهي ۽ حاليه موسمياتي جائزي ۾ هن جو رخ ڏکڻ پنجاب ۽ سنڌ جا مٿانهين علائقن ڏانهن آهن، جيڪڏهن صورتحال اها ئي رهي ته ڪراچي ۾ برسات جو امڪان گهٽ ٿي ويندو.