ڪراچي: بينڪ لاڪرز ۾ اصلي بدران نقلي سون رکندڙ بينڪ عملدارن جا اثاثا منجمد

0
206
بينڪ لاڪرز ۾ اصلي بدران نقلي سون
ڪراچي: بينڪ لاڪرز ۾ اصلي بدران نقلي سون رکندڙ بينڪ عملدارن جا اثاثا منجمد

ڪراچي: نجي بينڪ جي لاڪرن مان 20 ڪروڙن جو سون کڻي نقلي زيور رکڻ واري معاملي ۾ ايف آءِ اي ۾ بينڪ عملي خلاف اينٽي مني لانڊرنگ ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ڪيس ۾ برانچ مينيجر آغا مصور علي، فنانس گولڊ ايگزيڪٽو  عائشه مرزا، عديل لطيف، آپريشن مينيجر ڪامران ۽ محمد سليم ڪيس ۾ نامزد ڪيا ويا. ايف آءِ اي جوابدارن جا اڪائونٽ ۽ اثاثا منجمد ڪري ڇڏيا.

ايف آءِ اي موجب 20 ڪروڙ 80 لکن جو سون کڻي نقلي زيور لاڪرن ۾ رکيا ويا، جوابدار عديل لطيف پنهنجي ماءُ جي نالي تي 58 لکن ۾ 2 گاڏيون خريد ڪيون، گاڏين جي ادائيگي عائشه مرزا ۽ لائبه فاطمه جي اڪائونٽن مان ڪئي وئي،

عديل لطيف پنهنجي ذاتي اڪائونٽ ۾ به 24 لک منتقل ڪيا، عائشه مرزا رقم مان پنهنجي ماءُ لاءِ 80 لکن ۾ پراڊو خريد ڪئي. عائشه مرزا 16 فليٽ، 2 بنگلا ۽ 16 پلاٽ خريد ڪيا، ڪيس ۾ عائشه مرزا جي ماءُ عابده، عديل لطيف جي ماءُ عذرا لطيف ۽ لائبه فاطمه کي به نامزد ڪيو ويو.