ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) ڪراچي ۾ برسات  سبب ٿيل نقصانن جي ازالي لاءِ وفاق کان فنڊ طلب، ڪراچي جي ڪمشنر وفاقي وزير شيري رحمان کي ڪراچي ۾ برساتن سبب ٿيل نقصانن بابت آگاهي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي، ان حوالي سان ڪالهه ڪراچي جي ڪمشنر آفيس ۾ برساتن جي صورتحال ۽ ٿيل نقصانن جي حوالي سان اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪمشنر ڪراچي اقبال ميمڻ، وفاقي وزيرن شيري رحمان، امين الحق، عابد ڀيو، ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب  ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪمشنر اقبال ميمڻ چيو ته برساتن سبب شهر جي رستن ۽ عمارتن کي نقصان پهتو آهي، نقصان جي ازالي لاءِ وفاقي حڪومت خاص فنڊ جاري ڪري. مرتضيٰ وهاب بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت حب ڪئنال ۽ ڪورنگي ڪراسنگ برج ۽ ٻين منصوبن تي ڪم شروع ڪرڻ واري آهي، ان موقعي تي وفاقي وزير شيري رحمان چيو ته ڪراچي ۾ ٿيل نقصان جو جائزو وٺي رهيا آهيون، سنڌ حڪومت متاثر ماڻهن جي مالي سهائتا لاءِ وفاقي حڪومت کي تفصيلي سفارشون پيش ڪري،