ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ساموندي پٽي تي واقع  دو درياءَ واري علائقي ۾ واقع هوٽل مسلسل برساتن سبب ڊهي سمنڊ ۾ ڪري پئي، ضلعي انتظاميا انهي واقعي بعد  ڀرپاسي جون 5 هوٽلون سيل ڪري ڇڏيون، هوٽلن جي اسٽرڪچر  جي ويريفڪيشن جو حڪم، ان ڏس ۾ ڊفينس جي فيز 8 ۾ دو درياءَ  تي واقع  قهواتي هوٽل مسلسل برساتن سبب ڊهي سمنڊ ۾ ڪري پئي، ضلعي انتظاميا ۽ پوليس موجب هوٽل ڪافي عرصي کان بند هجڻ ڪري ڪو جاني نقصان نه ٿيو آهي. هوٽل ڊهڻ بعد ڊي سي ڏکڻ  ڀرپاسي جون ٻيون هوٽلون سيل ڪرڻ ۽ انهن جي اسٽرڪچر جي ويريفڪيشن جو حڪم ڏنو. جنهن بعد اي ڊي سي2 ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر سول لائين دو دريا تي واقع 5 ئي هوٽلون ڪولاچي، ڪباب جيز، الحبيب، السجاد ۽ چار ڪول کي سيل ڪري ڇڏيو،  ڊپٽي ڪمشنر تبريز صادق مري موجب ڊي ايچ اي جي انجنيئرنگ  ونگ کان هوٽلن جي اسٽرڪچر جي پڙتال ڪرائي اين او سي  ملڻ بعد ئي ڪاروبار جي اجازت ڏني ويندي