ڪراچي: اڳوڻي ڊي آءِ جي سائين رکيو ميراڻي کي 3 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا، گرفتار

0
984

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مقامي عدالت ۾ گلستان جوهر بلاڪ 7 ۾ 240 گز جي گهر تي غير قانوني قبضي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ عدالت شهري رانا محمد نديم جي درخواست تي فيصلو ٻڌايو ۽ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي اڳوڻي ڊي آءِ جي سائين رکييو ميراڻي کي 3 سال قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي

عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته جوابدارجڏهن گهر تي قبضو ڪيو هو تڏهن کان 15 هزار رپيا ماهوار جي حساب ڀاڙوبه ادا ڪندو

عدالت جوابدار اڳوڻي ڊي آءِ جي ضمانت رد ڪندي سندس گرفتاري جو حڪم ڏنو ۽ ايس ايڇ او گلستان جوهر کي عدالتي حڪمن تي عمل ڪرڻ جي سخت هدايت ڪئي ۽ گهرو جو قبضو درخواستگذار کي ڏيارڻ جي هدايت پڻ ڪئي

درخواستگذار رانا نديم موقف اختيار ڪيو ته گلستان جوهر بلاڪ نمبر 7 ۾ 240 گز جو گهر آڪٽوبر 2016ع ۾ خريد ڪيو هو

ڪجهه عرصي کانپوءِ  پوليس اهلڪار سائين رکيو جي چوڻ تي گهر جا تالا ٽوڙي قبضو ڪري ڇڏيو

جوابدار جي وڪيل چيو ته سائين رکييو ميراڻي گهر تي قبضو ناهي ڪيو، سائي رکييو ميراڻي خلاف درخواست ناقابل سماعت آهي

عدالتي حڪم بعد پوليس اڳوڻي ڊي آئي جي سائين رکيو ميراڻي کي گرفتار ڪري ورتو، ايس ايس پي اوڀر عبدالرحيم شيرازي سائين رکيو ميراڻي جي گرفتاري جي تصديق ڪري ڇڏي

 

ھي به پڙھندا

دهشتگردي ٽوڙ عدالت قادر پٽيل جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا