ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ اڳوڻي مڙس پاران عورت نغمه لطيف کي هراسان ڪرڻ ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ پوليس کي مھانگو بڻجي ويو، عدالت ايس آءِ او نارٿ ناظم آباد خادم حسين ۽ جاچ آفيسر کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،  سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران  ناري جي وڪيل ڪامران بلوچ چيو ته درخواستگذار کي اڳوڻي مڙس پاران پوليس اهلڪار خادم حسين ۽ ٻين ذريعي حراسان ڪيو پيو وڃي، ناري مٿان  ڪوڙا ڪيس پڻ داخل ڪيا ويا آھن، کيس تحفظ فراهم ڪيو وڃي، جنهن تي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪهڙي قانون تحت عورت کي هراسان ڪيو پيو وڃي؟  عدالت  نغمه لطيف کي هراسان ڪرڻ ۽ وڌيڪ ڪيس داخل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، عدالت ايس ايس پي سينٽرل کي حڪم ڏيندي چيو ته عورت کي حراسان ڪندڙ ايس آءِ او، جاچ آفيسر ۽ ٻين اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪري 30 مارچ تي گرفتار ڪري رڪارڊ سميت پيش ڪيو وڃي،