ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ڪسٽم ڪارروائي ڪري بينڪاڪ ويندڙ مسافر کي گرفتار ڪري ورتو. ترجمان موجب جوابدار راحيل ٿائي ايئر ويز ذريعي بينڪاڪ وڃي رهيو هو، انٽرنيشنل ڊيپارچر لائونچ تي سندس سامان جي تلاشي ورتي وئي، ان دوران هڪ لک 35 هزار ڊالر هٿ ڪيا ويا، جيڪي پاڪستاني 3 ڪروڙ ٿين ٿا، جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو