ڪراچي: ڪراچي جي ويسٽ ضلعي ۾ شهر ۾ سڀ کان وڌيڪ پاڻي چوري ٿيڻ جو انڪشاف، مڪاني ادارن واري کاتي جي اختيارين اجلاس ۾ اعتراف ڪيو ته ڪراچي اولهه ۾ سالن کان پاڻي چور مافيا سرگرم آهي، جتي واٽر بورڊ جي لائينن ۾ وڏا پائيپ هڻي سرعام پاڻي چوري ڪيو ويندو آهي، چيف سيڪريٽري واٽر بورڊ جي اختيارين کي هدايت ڪئي ته پاڻي چورن ۽ سندن سرپرستن جا مڪمل تفصيل ڏنا وڃن ،