ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ناردرن باءِ پاس تي افغان بستي وٽان معصوم ٻار جو تشدد ٿيل ۽ هٿ پير ٻڌل لاش هٿ آيو. اطلاع تي پوليس پهچي لاش عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو. ٻار جي سڃاڻپ 5 ورهين جي خالد پٽ شير آغا طور ٿي. پوليس موجب ٻار جا ٻئي هٿ ۽ پير ٻڌل هئا، پوليس موجب پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد جاچ ۾ مدد ملي سگھندي. ٻئي طرف ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو واقعي جو نوٽيس وٺي ڊي آءِ جي اولهه جي سربراهي ۾ ٽيم جوڙي ڇڏي آهي، ڪاميٽي کي هدايت ڪئي وئي ته اها جاچ مڪمل ڪري 3 ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪري