ميرواھ گورچاڻي (ن پ ا) ڪراچي اسپتال ۾ ميرواھ گورچاڻي واسي نوجوان فوت، ڊاڪٽرن تي غفلت جو الزام، ان ڏس ۾ ڪراچي اسپتال ۾  ڳوٺ غلام محمد لغاري جو رهواسي 24 ورهين جو نوجوان زوار عاطف رضا لغاري پٽ غلام رضا لغاري فوت ٿي ويو، فوتي نوجوان جي وارثن احتجاج ڪندي دانيهندي چيو ته  عاطف لغاري کي 20 ڏينهن اڳ گڙدي ۾ معمولي پٿري هئڻ سبب ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ داخل ڪيو، جتي  ليزر ذريعي آپريشن بعد به  نوجوان کي هوش نه آيو، ڊاڪٽرن ٻڌايو ته کيس دل جو دورو پيو آهي، مظاهرين چيو ته  20 ڏينهن تائين اسان جو نوجوان زندگي ۽ موت سان جھيڙيندي فوت ٿي ويو، ڊاڪٽرن جي غفلت سبب اسان جو نوجوان فوت ٿيو آهي، انصاف ڪيو وڃي،  هوڏانهن نوجوان جو مڙهه ڳوٺ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.