ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي برقرار: ڪاروباري حجم اربع ڏهاڙي جي ڀيٽ ۾ 42 سيڪڙو وڌيڪ رهيو. اربع ڏينهن 56 لک شيئرز جو ڪاروبار 28 ارب رپين ۾ ٿيو هو، جڏهن ته خميس تي ڪاروبار جي ماليت 42 ارب 38 ڪروڙ رپيا رهي، مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن 30 ارب جي لاٿ سان 8 هزار 66 ارب رپيا رهي. 100 انڊيڪس جي بلند ترين سطح 47 هزار 206 رهي، جيڪا ڪاروبار بند ٿيڻ تي 21 پوائنٽس گھٽجي 46 هزار 790 تي بند ٿي. واضح رهي ته 11 فيبروري 2021 تي سڀ کان وڌيڪ هڪ ارب 125 ڪروڙ جي شيئرز جو ڪاروبار ٿيو هو. ان حوالي سان معاشي ماهر مزمل اسلم جو چوڻ آهي ته اسٽاڪ مارڪيٽ جو 2004ع جيان هي سال به بهترين سال لڳي ٿو. نه رڳو اسٽاڪ مارڪيٽ پر معاشي سطح تي به بهتري اچي رهي آهي.