ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ آمريڪي  قونصل خاني ڀرسان حددخلين خلاف آپريشن، رهواسين جو احتجاج، آمريڪي قونصل خاني ڀرسان انٽيليجنس ڪالوني ۾ 7رهائشي عمارتن کي  قونصل خاني لاءِ سيڪيورٽي رسڪ قرار ڏنو ويو هو، جنهن بعد ڊپٽي ڪمشنر ڪياماڙي جي سربراهي ۾ اينٽي انڪروچمينٽ  آپريشن شروع ڪيو، هيوي مشنري ذريعي رهائشي عمارتن کي ڊاٿو ويو، انهي دوران رهواسين احتجاج پڻ ڪيو. پوليس موجب آپريشن اڄ به جاري رهندو،