ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) گلستان جوهر ۾ موسمياتي کاتي ويجهو دڪان ۾ ڌماڪو ٿيڻ جي عورت سوڌو ٻه ٻارڙا فوت ۽ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، پوليس موجب ڌماڪو الجديد موڙ جي ويجهو يونيورسٽي روڊ تي ٿيو، جنهن جي شدت جي ڪري آواز پري پري تائين ٻڌو ويو، ڌماڪي سان عمارت ۽ دڪانن کي به شديد نقصان پهتو آهي، پوليس موجب ڌماڪي جي نوعيت جو پتو لڳائڻ جي لاءِ بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي طلب ڪيو ويو آهي، جيڪو هي ٻڌائيندو ته ڌماڪو بيٽرين جي ڪري ٿيو يا سيلينڊر ڦاٽو آهي، پوليس موجب واقعو حادثو لڳي ٿو، هن ۾ دهشتگردي جون شاهديون سامهون ناهن آيون، ڌماڪي ۾ هڪ عورت سوڌو ٻن ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي، جڏهن ته 5 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو…