ڪراچي:صفوران ڳوٺ مان گم ٿيل نوجوان رميش ڪمار جو وڻ ۾ ڦاهو لڳل لاش هٿ

0
204
ڪراچي:صفوران ڳوٺ مان

ڪراچي:ڪراچي جي صفوران ڳوٺ مان ڪجهه ڏينهن اڳ گم ٿيل نوجوان رميش ڪمار جو وڻ ۾ ڦاهو لڳل لاش هٿ آيو آھي، پوليس لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو

پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان جي موت جو ڪارڻ آپگهات لڳي رهيو آهي، وارثن جو چوڻ آهي ته رميش سعدي ٽائون واري علائقي ۾ پنڪچر جي دڪان تي ڪم ڪندو هو

وارثن موجب5 آگسٽ کان گم ٿي ويو هو، سندس گمشدگي بابت سچل ٿاڻي تي اطلاع به ڏنو ويو هو، گذريل ڏينهن هڪ شخص فون ڪري چيو ته پريشان نه ٿيو رميش مون وٽ آهي، اڄ سندس لاش مليو آھي