ڪراچيءَ لاءِ لاهور خلاف ڪاميابي تمام ضروري هئي: شاهد آفريدي

0
247
ڪراچيءَ لاءِ لاهور خلاف

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي ايچ بي ايل پي ايس ايل 8 ۾ ڪراچي ڪنگز جي ڪاميابي تي چيو آهي ته ڪراچي جي لاءِ لاهور خلاف ڪاميابي تمام ضروري هئي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد آفريدي چيو ته ڪراچي ڪنگز جي ٽيم سٺي ميچ کٽي آهي

هن اهو به چيو ته پي ايس ايل 8 ۾ ڪراچي ڪنگز کي رهڻ گهرجي. نوجوان رانديگرن جي ڪارڪردگي تي شاهد آفريدي چيو ته اڃا ٽورنامينٽ ٿيڻ ڏيو پوءِ سڀني جي ڪارڪردگي کي ڏٺو ويندو. اڳوڻي اسٽار آل رائونڊر چيو ته هڪ ميچ تي ڪنهن نوجوان کي آسمان تي نه ويهاريو وڃي

Karachi Kings vs Lahore Qalandars: PSL-2020, Match-26, Preview

اميدن جو پريشر اچي ويندو آهي، اڃا کيڏڻ ڏيو. واضح رهي ته ڪراچي ڪنگز شروعاتي 3 ميچز ۾ شڪست کانپوءِ ايچ بي ايل پي ايس ايل 8 ۾ پهرين ڪاميابي حاصل ڪئي آهي