ڪراچيءَ جا ڳوٺَ ڪنهن جي اک ۾ ڪنڊو آهن؟

0
534
ڪراچيءَ جا ڳوٺَ ڪنهن جي اک ۾ ڪنڊو آهن؟

 سنڌ جي راڄڌاني، ڪراچيءَ ۾ اهي ڪير آهن جن کي “ڳوٺ” لفظ نٿو وڻي. هِي شايد اها سوچ آهي، جنهن 1947ع ۾ هن شهر کي سنڌ جي شهر مان قومي شهر بڻائڻ لاءِ جيڪي بُنياد رکيا هئا، اها اڃا تائين ڪراچيءَ ۾ پنهنجي پوري جاهه و جلال سان موجود آهي. ڪراچيءَ جي اولڊ سٽي ايريا کي ڇڏي باقي سمورن علائقن ۾ جيڪي به سنڌين ۽ بلوچن جون وسنديون هُيون يا آهن، اُنهن جي نالي اڳيان “ڳوٺ” پاڪستان جي ٺهڻ کان اڳ ئي لکيل هوندو هو. توڙي جو ورهاڱي بعد جيڪا ڌاري آبادي آئي، ان جيڪي ڪالونيون، هائوسنگ اسڪيمون، ۽ ٻيون رهائشي اسڪيمون وجود ۾ آنديون، انهن جي آڏو ڳوٺ لفظ نه هو. هِي اهي ئي ڳوٺ هئا جيڪي مزارِ قائد جي چند قدمن تان شروع ٿيندا هئا. جهانگير روڊ جي ٻنهي پاسن کان لالو کيت ۽ پوءِ برفتن، ڪلمتين ۽ ٻين ٻروچن جي ڳوٺن تائين وڃي ڇيڙو ڪندا هئا. ٻئي پاسي اولڊ سٽي جي الهندي پاسي بلوچن ۽ سنڌين جا ڳوٺ بلوچستان جي حب چوڪيءَ تائين ۽ ٽئين پاسي گزري کان وٺي ابراهيم حيدري، لٺ بستي، ڪلمتي ڳوٺ سميت سوين وسنديون اهڙيون هيون ۽ اڄ به آهن، جن کي روينيو رڪارڊ ۾ ڳوٺ سڏيو وڃي ٿو. هِي انهن ماڻهن جا رهائشي علائقا هئا، جن نه ڪنهن بلڊر کان سند ٿي ورتي ۽ نه ئي پنهنجي گھر جي ڪمري يا ڪچن ٺهرائڻ لاءِ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيءَ کان اجازت نامو ٿي ورتو، نه ئي ڪي نقشا پاس ٿي ڪرايا، تنهن ڪري اهي “ڳوٺَ” ڳوٺ ئي رهيا!

سنڌي مهاجر جھيڙن دوران ڪراچيءَ جي هنن مسڪين سنڌين ۽ بلوچن جا ڳوٺ وڏي عتاب جو شڪار رهيا پر پوءِ به اها تاريخ جي خوش قسمتي چئجي جو ڪراچيءَ جي هن قديم ڳوٺن جي رهواسين پنهنجا لاش ته کنيا، گھرن تي گولين جا مِينهن برداشت ڪيا پر پنهنجا ويڙها نه ڇڏيا. اهي ڳوٺ ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جي رڪارڊ ۾ ڳوٺ ئي رهيا، ۽ ان وقت تائين سمورين سهولتن کان محروم رهيا، جيستائين هن شهر جي اندر ڪا سُٺي سياسي هوا نه لڳي.

گذريل ٽيهن کان چاليهن سالن اندر سنڌ جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن مان آهستي آهستي بيروزگاري، قبائلي جهيڙن ۽ ڌاڙيل ڪلچر کان تنگ ٿي سنڌ جي مختلف علائقن جي ماڻهن ڪراچي جو رخ ڪيو، ان ڪري ڪراچيءَ جي هن قديم ڳوٺن سان آهستي آهستي نوان ڳوٺ به آباد ٿيڻ شروع ٿيا، جن کي هن وقت چنيسر ڳوٺ، ڀٽائي آباد، سچل ڳوٺ، ماروئڙا ڳوٺ، ايوب ڳوٺ، لاسي ڳوٺ، بلاول ڪالوني، چڪرا ڳوٺ ۽ ٻين نالن سان ياد ڪيو وڃي ٿو، جتي سنڌ جي ماڻهن جا اهي ڳوٺ آباد ٿيا، اُتي افغانين، بهارين ۽ برمين پنهنجون ڪالونيون جوڙڻ شروع ڪيون، انهن ڪالونين کي ڪراچي ميونسپل تي قابض تعصب پرست انتظاميا ڪچين آبادين جو نالو ڏنو ۽ مڇر ڪالونيءَ کان مشرف ڪالونيءَ تائين سوين ڪالونيون ايم ڪيو ايم جي عروج واري دور ۾ اهي پڪيون ڪيون ويون ۽ کين مالڪاڻا حق ڏنا ويا ته جيئن اهي ڪالونيون ڪي ايم سي جي رڪارڊ تي چڙهي وڃن، پر تعصب پرست ڪي ايم سي انتطاميا ڪراچي جي سمورن ڳوٺن کي اهو چئي پڪو ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته ڳوٺ ڇاڪاڻ ته ڪي ايم سي جي قانون جي دائري ۾ نٿا اچن، ان ڪري انهن کي صرف روينيو کاتو ئي پڪو ڪري سگهي ٿو. روينيو کاتو جيستائين اهي ڳوٺ پڪا ڪري تيستائين انهن ڳوٺن مٿان هميشه بلڊر مافيا جا لامارا رهيا، ۽ بلڊوزرن ذريعي انهن ڳوٺن کي ڊاهڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو،

رسول بخش پليجو پهريون سنڌي سياستدان هو، جنهن ڪراچيءَ ۾ محمد علي شاهه، گل حسن ڪلمتي، خدا ڏنو شاهه ۽ ٻين سان گڏجي ڪراچيءَ جي ڳوٺن کي ڊاهڻ خلاف هلندڙ جدوجھد ۾ نه رڳو ذاتي ساٿ ڏنو پر انهن ڳوٺن جا ڪيس جسٽس ناصر اسلم زاهد جي دور ۾ عدالت ۾ کڻي قانوني فيصلا پڻ ورتا. جنهن بعد بشير خان قريشي، ڪراچي جي ڳوٺن جي مالڪيءَ لاءِ سرگرمي شروع ڪئي پر بدنصيبي اها چئبي جو ڪراچيءَ جا انتظامي اختيار جن ڌرين وٽ هئا، انهن هنن ڳوٺن کي پڪو ڪرڻ نٿي ڏنو. بينظير ڀٽو جي شهادت بعد جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي پهرين حڪومت قائم ٿي، هاڻوڪو وڏو وزير مراد علي شاهه روينيو جو وزير ٿيو ته هن پهريون ڀيرو هڪ ڪاميٽي جوڙي ڪراچي جي ڳوٺن جي سروي ڪرائي ۽ 400 ڳوٺن کي پڪو ڪرڻ جي سمري تيار ڪئي. بدقسمتيءَ سان ڪجھه ڳوٺن جا ڪيس عدالتن ۾ هلندڙ هئا، جيڪي پڪا نه ٿي سگهيا پر وڏي تعداد ۾ ڳوٺ ان دور ۾ پڪا ٿيا ۽ ڪجهه وري مراد علي شاهه بعد ڄام مهتاب ڏهر جي روينيو وزير واري دور ۾ پڪا ٿيا. پيپلز پارٽِي جي اها سنڌ حڪومت شروعاتي ڏينهن ۾ ته انهن ڳوٺن تي مهربان هئي، پر جڏهن سندن دوستيءَ جا ناتا نائن زيرو سان وڌيا ته مراد علي شاهه جهڙي ماڻهو کي شهداءِ قبرستان تي نيو ويو ته ڪراچي جي ڳوٺن جي پڪو ٿيڻ وارو خواب به اڻپورو رهجي ويو. ان سڄي دور ۾ ڪراچيءَ ۾ جمعه ڳوٺ کان وٺي شاهه لطيف ٽائون تائين ماروئڙا ڳوٺ کان مخدوم بلاول ڳوٺ تائين وڏي تعداد ۾ ڳوٺ بلڊوزرن جي زد ۾ رهيا ۽ ماڻهو پاڻ مزاحمت ڪري ڳوٺن جو تحفظ ڪندا رهيا. هاڻي ڪجهه عرصي کان پيپلز پارٽي جي حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر سعيد غني جهڙي سنڌ ڄائي پ پ اڳواڻ جي سفارشن تي ڳوٺ پڪا ڪرڻ ۽ انهن ۾ ووٽ داخل ڪرائڻ جي جيڪا مهم شروع ڪئي آهي، اها وري به انهن کي نٿي وڻي، جن کي ڪراچي ۾ سنڌين جي وڌندڙ آبادي پسند ناهي. ان ڪري ايم ڪيو ايم کان وٺي اي اين پي تائين، جماعت اسلامي کان وٺي پي ٽي آءِ تائين، توڙي پيپلز پارٽي جي اندر ويٺل ڪجهه ولايتين کي اها ڳالهه نٿي وڻي ته هو ڪراچي جا ڳوٺ پنهنجي اکين آڏو پڪا ٿيندي ڏسن!

اها حققت آهي ته، هن شهر جي ڊيموگرافي تيزيءَ سان تبديل ٿي رهي آهي. ٻوڏن، ڏُڪارن، بکن، بيروزگارين اهڙو ماحول ٺاهيو آهي جو سنڌ جي ٻهراڙي جي علائقن مان وڏي تعداد ۾ ماڻهو ڪراچي ۾ اچي آباد ٿيا آهن ۽ هي شهر به سکر، ميرپور خاص، نوابشاهه ۽ حيدرآباد وانگي آهستي آهستي سنڌين جو سڀ کان وڏو شهر ٿيندو پيو وڃي، ۽ بقول ڪراچي جي نامور صحافي نذير لغاريءَ جي ته قومون جنگيون وڙهي پنهنجا شهر ري ڪليم ڪنديون آهن، پر سنڌين ڪراچي ۾ مزدوري ۽ پورهيو ڪري شهر ري ڪليم ڪري رهيا آهن. ان ڪري ڪراچيءَ جي ڳوٺن جو ڪيس سنڌ جي بقا ۽ وجود جو ڪيس آهي. سڄي سنڌ جا ماڻهو جيڪڏهن هن ڪيس ۾ ڪراچيءَ جي ڳوٺن جو ساٿ ڏيندا ته هِي شهر هڪ ڀيرو وري مائي ڪلاچي ۽ مورڙي جو شهر ٿي ويندو.