مٽياري (رپورٽر) سنڌ جي روينيو واري وزير مخدوم محبوب الزمان جي صدارت هيٺ ڊي سي سيڪريٽريٽ مٽياري ۾ اهم گڏجاڻيءَ ٿي، جنهن ۾ ضلعي جي جاري سروي جي عمل کي تيز ڪري حقيقي انگ اکر جلد کان جلد گڏ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.صوبائيوزير مخدوم محبوب الزمان چيو ته پوري سنڌ اندر ڪجھ متاثر شعبن جا تفصيل صحيح طريقي سان گڏ نه پيا ڪيا وڃن، تنهن ڪري ٽيمن کي حقيقي انگ اکرن لاءِ گهر گهر وڃڻ گهرجي، مخدوم محبوب الزمان گڏجاڻيءَ ۾ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي کان آر او پلانٽ جي خرابي بابت پڇاڻو ڪندي چيو ته ان حوالي سان وڏي تعداد ۾ عوامي شڪايتون مليون آهن، ضلعي جي 110 مان 42 آر پلانٽ ڇو خراب آهن، آر او پلانٽ ٺيڪ ڪرڻ لاءِ فوري اپاء ورتا وڃن، وڌيڪ غفلت برداشت نه ڪئي ويندي، ڊپٽي ڪمشنر مٽياري کي معاملي جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي انڪوائري ۽ آڊٽ ڪرائڻ جو ھدايتون، ميونسپل ۽ ٽائون آفيسرن ٻڌايو ته پبلڪ هيلٿ جي ڪوتاهي سبب شهرن مان ڪڍيل پاڻي واپس اچي وڃي ٿو، پبلڪ هيلٿ جا عملدار ڪارڪردگي ۾ سڌارو آڻين، جيڪو عملدار ڪم نه ٿو ڪري ڪارروائي لاءِ تيار رهي. صوبائي وير اجلاس ۾ خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته سنڌ اندر برساتن سبب 785 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا آهن، جڏهن ته مختلف حادثن سبب 8422 ماڻهو زخمي ٿيا هئا. سنڌ حڪومت پاران قائم ڪيل ڪئمپن تي هن وقت به 195582 متاثرين ترسيل آهن، جن کي کاڌ خوراڪ ڏني پئي وڃي.