اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف احتجاج کي خطاب ڪندي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي پرڏيهي طاقتن اڳيان جهڪائڻ جو ڊرامو قرار ڏيندي چيو آهي ته هي اسان کي پرڏيهي آقائن جو غلام رکڻ چاهين ٿا، سڄو ڊرامو اسان کي غلام رکڻ لاءِ رچايو پيو وڃي، هي شيطان جا چيلا وڃڻ وارا ناهن، شيطان جي چيلن کان جنگ آرام سان نٿي کٽي سگهجي، اوهان کي مون سان گڏ جدوجهد ڪرڻي پوندي، شيطان جا چيلا اليڪشن ڪميشن جي فيصلي مان خوش ٿيا ته عمران خان کي رستي تان هٽائڻ جو موقعو ملي ويو آهي، انهن کي شرم اچڻ گهرجي، اليڪشن ڪميشن حدن کان ٻاهر نڪري وئي آهي، اسان خلاف فيصلي پويان بيدار ٿيل عوام جو خوف آهي، پر عوام جي بيداري ۽ شعور جو جيڪو جن نڪري چڪو آهي اهو هاڻي واپس بوتل ۾ نه ويندو، پيسي کانسواءِ ڪا پارٽي ڪيئن هلي سگهي ٿي، پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ  مافيائون آهن،

نواز شريف سياسي ماڻهو نه هو، اهو پئسا هلائي سياست ۾ آيو، هنن ڪرپٽ ماڻهن کانسواءِ به ملڪ ۾ قوتون ويٺيون آهن جيڪي اليڪشن ڪميشن ذريعي عوام ۽ چونڊن کي ڪنٽرول ڪرڻ چاهين ٿيون، اڳوڻي وزيراعظم عمران خان اليڪشن ڪميشن خلاف احتجاجي مظاهرن کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي چيو آهي ته هنن سمجهيو ته پنجاب جون ضمني چونڊون آرام سان ڌانڌلي ڪري کٽي وٺنداسين، پر ضمني چونڊن ۾ سڀ کان وڌيڪ هنن کي جهٽڪو لڳو، ڌانڌلي باوجود هي چونڊون هارائي ويا ۽ پنجاب ۾ اسان جي حڪومت ٺهي وئي، پئسا هنن هلايا هئا، لوٽن کي هنن خريد ڪيو هو، ان بعد هنن پارٽي ٽوڙڻ لاءِ پئسو هلايو، جڏهن هر مامري ۾ ناڪام ٿيا هنن آخر ۾ اليڪشن ڪميشن کي ڳوليو، هي هميشه ادارن کي استعمال ڪندا آهن، ذوالفقار علي ڀٽو کي جڏهن قتل ڪيو ويو ته هنن کي اهو خوف هو ته اهو جڏهن عوام ۾ ايندو ته ان کي سنڀالي نه سگهبو، پيپلز پارٽي جا اڄوڪا اتحادي ڀٽي جي عدالتي قتل ۾ انهن سان گڏ هئا، هنن انهن اليڪشن ڪميشن کي ڳولي ورتو آهي،

ڪمال جي ڳالهه اها آهي ته ن ليگ جو وفد اليڪشن ڪميشن سان ملڻ ويو جتي ڪيس هلي رهيو هو، ن ليگ جي وفد پي ٽي آءِ جي فنڊنگ ڪيس جي فيصلي لاءِ چيو، اليڪشن ڪميشن جي فيصلي ۾ جيڪي فيڪٽ فائينڊنگ آهن اليڪشن ڪميشن پنهنجي حدن کان ٻاهر نڪري وئي، فيصلي ۾ جيڪي شيون ڏنيون ويون آهن انهن مان ڪجهه شيون اليڪشن ڪميشن چئي نه ٿي سگهي، هن چيو ته يوسف رضا گيلاني جي پٽ سرعام پئسا ڏنا اليڪشن ڪميشن ڪو نوٽيس نه ورتو نه ئي اليڪشن ڪميشن تي ڪو فرق پيو، سنڌ هائوس ۾ به منڊي لڳي، سڀني کي معلوم هو ته ريٽ ڪيترو آهي، 20 کان 25 ڪروڙ رپين جي منڊي لڳي، ٻار ۽ ماڻهو ڏسي رهيا هئا ، اليڪشن ڪميشن کي ڪو شرم نه آيو، عوامي نمائندا وڪرو ٿيندا رهيا پر ڪا ڪارروائي نه ٿي، هنن ڪرپٽ ماڻهن کانسواءِ ملڪ ۾ هاڻي به اهي قوتون ويٺيون آهن جيڪي عوام ۽ ملڪ کي ڪنٽرول ڪرڻ چاهين ٿيون، اهي عوام جي راءِ کي به ڪنٽرول ڪرڻ چاهين ٿيون، ماڻهو چونڊن ۾ ووٽ لاءِ ان ڪري نه نڪرندا آهن جو اهي سمجهندا آهن ته انهن جي ووٽ سان ڪو فرق نه ٿو پوي، هن چيو ته پئسن کانسواءِ پارٽي ڪيئن هلي سگهي ٿي، ملڪ ۾ وڏا وڏا ماڻهو آيا عوام جا هيرو هئا،

ايئرمارشل اصغر خان، عبدالقدير خان ۽ ٻين وڏن نالن سياسي پارٽيون ٺاهيون پر اهي نه هلي سگهيا، ڇو ته سياسي پارٽين کي پئسو گهرجي، هن پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو ته هنن ٻنهي مافيائن وٽ پئسو آهي، ٻيا هنن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ڪٿان پئسو آڻين، جڏهن کان نواز شريف کي ضياءُ الحق پاڪستان جي سياست ۾ آندو تڏهن کان پاڪستان جي سياست تبديل ٿي آهي، نواز شريف سياسي ماڻهو نه هو، ان جو ڪو تڪ نه هو، اهو پئسا هلائي رشوت ڏئي  ڇانگا مانگا جي سياست ڪري سياست ۾ آيو، ان وقت کان پاڪستان جي سياست وڌيڪ مهانگي ٿي وئي، هن چيو ته پهرين سياسي پارٽي تحريڪ انصاف آهي جنهن سياسي فنڊ ريزنگ ڪئي، برطانيا ۾ به پارٽيون دعوت ڪنديون آهن، ماڻهو اچي ٽيبل خريد ڪندا آهن پئسا ادا ڪندا آهن اها فنڊنگ پارٽي وٽ ويندي آهي، اهو طريقو آمريڪا ۾ ۽ هر طرف آهي، هنن ٻنهي پارٽي ان ڪري فنڊ ريزنگ نه ڪئي جو انهن کي ڪير پئسو ڏيندو ئي ڪونه، اليڪشن ڪميشن ٻه ڀيرا عدالت جي چوڻ باوجود ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي فنڊنگ ڪيس کي اسان جي ڪيس سان گڏ نه ٻڌو، اليڪشن ڪميشن انهن ٻنهي پارٽين جا ڪيس ٻڌندي به ڪونه، هنن جي فنڊ ريزنگ جو ماڻهن کي معلوم ٿيو ته ماڻهن حيرت ٿيندي، اسان کي چندو ڏيندڙ 40 هزار ماڻهو آهن، اسان فنڊ ريزنگ لاءِ پي ٽي آءِ آمريڪا ۽ برطانيا ٺاهي، ان طرح اسان جي پارٽي مٿي اچڻ شروع ٿي،

اليڪشن ڪميشن پرڏيهه مان گڏ ٿيندڙ  پئسي کي پرڏيهي فنڊنگ چئي رهي آهي، جيڪڏهن اها فارين فنڊنگ آهي ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني هر سال جيڪي 31 ارب  ڊالر پاڪستان کي موڪلين ٿا ته پوءِ اها رقم ڇا آهي، اليڪشن ڪميشن چئي رهي آهي ته سمنڊ پار پاڪستانين جا پيسا پرڏيهي فنڊنگ آهي، مان هنن کان سوال ڪيان ٿو ته ڇا هنن کي معلوم آهي ته سياسي فنڊ ريزنگ ٿيندي ڇا آهي، هنن جاچ ڪئي ، آمريڪا ۾ اسان جي ايل ايل سي ٺهيل آهي، ان جو مطلب لميٽيڊ ڪمپني آهي، جيڪا قانون تحت ٺاهڻي پوندي آهي، اها پرڏيهي فنڊنگ ناهي، فارين فنڊنگ اها آهي جڏهن توهان ڪنهن ٻئي ملڪ کان پيسا وٺو، اهو توهان جي پاليسي متاثر ڪري سگهي ٿو، ڪنهن ملٽي نيشنل ڪمپني کان پئسا وٺڻ به پرڏيهي فنڊنگ آهي، هنن 2017ع ۾ قانون ٺاهيو ته پرڏيهي ڪمپني کان اگر پيسا ورتا وڃن ته اها به پرڏيهي فنڊنگ آهي، فيصلي ۾ ووٽن ڪرڪيٽ ڪلب کان پئسا اچڻ جي به ڳالهه ڪئي وئي آهي، ان جو مالڪ عارف نقوي آهي، اسان ان کان پئسا 2012ع  ۾ ورتا هئا، ان تي اڃا فراڊ ثابت نه ٿيو آهي، پر ان تي چارجز 2018 ۾ لڳا آهن،

عارف نقوي منهنجي لاءِ دبئي ۽ انگلينڊ ۾ ميچ فيسٽيول کان پوءِ دعوت ڪئي جنهن ذريعي پئسا گڏ ٿيا، ڇا مون کي خواب آيو هو ته 6 سالن کان پوءِ عارف نقوي تي ڪا فرڊ جي چارج لڳندي، هنن فنانشل ٽائيمز جي انڊيڪس کي به اپنايو آهي، انهيءَ رپورٽ ۾ نواز شريف لاءِ به 20 ملين جو ذڪر ٿيل آهي، هنن ٻنهي ڀائرن کي مليل 5 ارب رشوت بابت ڪنهن کي معلوم نه ٿيو، ان مامري ۾ ڪو به عمل غيرقانوني نه هو، عارف نقوي پيسا گڏ ڪري پنهنجي ڪمپني ذريعي اسان کي موڪليا، 2012ع ۾ پرڏيهي ڪمپني کان فنڊنگ اچي پئي سگهي،ڇو ته 2017 ع ۾ اهو قانون آهي ته پرڏيهي ڪمپني کان پيسا نه ٿا وٺي سگهجن، هنن فيصلي ۾ اهو به چيو آهي ته عمران خان کي نااهل ڪرڻ گهرجي، پاڪستانين کي معلوم هجڻ گهرجي ته سرٽيفڪيٽ ۽ حلف نامي ۾ ڪهڙو فرق آهي، حلف نامو اهو آهي جيڪو شهباز شريف عدالت ۾ ڏنو هو ته نواز شريف واپس اچي ويندو، جڏهن نامزدگي فارم جمع ٿيندا آهن ۽ ملڪيتن بابت ٻڌايو ويندو آهي ته تڏهن حلف ناما جمع ٿيندا آهن، سرٽيفڪيٽ جو مطلب مختلف آهي، شوڪت خانم جي سالياني بجيٽ 16 ارب آهي، مان بورڊ جو چيئرمين آهيان، مون کي چيو ويندو آهي ته سمورا اڪائونٽ ڏسي ورتا آهن توهان سرٽيفڪيٽ تي صحيح ڪيو،

ڇو ته مان انهن تي اعتماد ڪندو آهيان، اهو ئي پارٽي گوشوارن ۾ ٿيو آهي، شيطان جا چيلا تمام گهڻا خوش ٿيا آهن ته عمران خان کي رستي تان هٽائڻ جو موقعو مليو آهي، انهن ماڻهن کي شرم اچڻ گهرجي، هنن تي 24 ارب جا ڪيس آهن، اليڪشن ڪميشن کي شرم نه آيو ته 24 ارب جي ڪرپشن ڪيس وارن کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏني وئي، دنيا جي ڪهڙي ملڪ ۾ ان طرح جي چورن کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت هوندي آهي، ڪنهن 100 ڊالر ڏنا آهن ته اها پرڏيهي فنڊنگ، هنن کي اهو نظر نه آيو ته هنن ملڪ جي ڌاڙيلن کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏني، 60 سيڪڙو ڪابينا ضمانتن تي آهي، اليڪشن ڪميشن ڪٿي هئي، مون کي شرم  اچي ٿو ۽ افسوس ٿئي ٿو ته هي اسان جو 22 ڪروڙ عوام جو پاڪستان آهي، ان ۾ اهڙا ماڻهو فيصلا ڪرڻ وارا  ويٺا آهن، مان سڀني پاڪستانين کي چئي ڇڏيان ٿو ته هي جنگ آساني سان نه کٽي سگهبي، هي اڃا شروعات آهي، هي شيطان جا چيلا نه وڃي رهيا آهن، توهان کي مون سان گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي.