ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي اداڪارا ڪترينا ڪيف پنھنجي ايندڙ نئين فلم ھارر ڪاميڊي فلم جو ٽيزر شيئر ڪيو آھي جيڪو سوشل ميڊيا تي مقبول ٿي رھيو آھي. ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب جڏھن ڪترينا ڪيف، سڌانت چترويدي ۽ ايشان کتر جي فلم ”فون ڀوت“ جو اعلان ٿيو آھي، شوقين انھن ٽنھي اداڪارن کي سلور اسڪرين تي ڏسڻ لاءِ پرجوش آھن پر ھاڻي بالي ووڊ جي اداڪارا ڪترينا ڪيف شادي کانپوءِ پنھنجي پھرين فلم “فون ڀوت” جو ٽيزر آفيشل انسٽاگرام تي مداحن سان شيئر ڪيو آھي.