ڪترينا ڪيف جلد پنهنجي حاملا هئڻ جو اعلان ڪندي: ڀارتي ميڊيا

0
397
ڪترينا ڪيف جلد پنهنجي

ممبئي (شوبز نيوز) باليووڊ اداڪارا ڪترينا ڪيف بابت مختلف خبرون اڄڪلهه سندس مداحن ۾ بيچيني جو سبب بڻيل آهن ۽ ان جا مداح ڪجهه اڳڪٿيون ڪندا رهن ٿا

اهڙيون اڳڪٿيون ان وقت سامهون آيون آهن جڏهن ڪترينا کي فلم جي شوٽنگ کانپوءِ کيس ممبئي ايئرپورٽ تي واپس ايندي ڏٺو ويو ۽ ان وقت جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي به وائرل ٿي رهي آهي

وڊيو ۾ ڪترينا کي نارنگي ٽرائوزر ۽ اڇي رنگ جي شرٽ ۾ ڏسي سگهجي ٿو. وڊيو تي تبصرا ڪندي ڪٿي سوشل ميڊيا واهپيدار ڪترينا ڪپور کي خوبصورت ماءُ قرار ڏئي رهيا آهن ته ڪٿي وري ٽائيگر ٿري جي اداڪارا جي اميدواري ٿيڻ جي حوالي سان دعويٰ ڪئي پئي وڃي

ٻئي پاسي ڀارتي ميڊيا ذريعن جي اطلاعن موجب دعويٰ ڪئي آهي ته ڪترينا ۽ وڪي ڪوشل باليووڊ جي ٻين اداڪارن  وانگر ذاتي زندگي کي عوامي نه ڪندا پر تمام جلد ڪترينا ڪيف پنهنجي مڙس سان گڏجي حاملا هجڻ جو اعلان ڪندي