ڪترينا سان مڱڻي ناهي ٿي: وڪي ڪوشل پاران ترديد

0
460

ممبئي (شوبز نيوز)باليووڊ اداڪار وڪي ڪوشل پنهنجي ۽ ناليواري اداڪارا ڪترينا ڪيف جي مڱڻي بابت پڇيل سوال تي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.ڀارتي ميڊيا موجب تازو ئي صحافين طرفان وڪي ڪوشل کان اداڪارا ڪترينا ڪيف سان مڱڻي بابت سوال ڪيو.وڪي ڪوشل چيو ته اهي سڀ افواهه آهن جيڪي ميڊيا ۾ ڦهلجي ويا آهن،

آئون تمام جلد مڱڻي ڪندس ان جي لاءِ صحيح وقت جو انتظار ڪري رهيو آهيان، مڱڻي جو اطلاع سڀني کي ڏيندس.ان کان اهي خبرون سامهون آيون هيون ته وڪي ڪوشل ۽ ڪترينا ڪيف جلد شادي ڪرڻ وارا آهن ۽ انهن جي شادي جون تقريبون به شروع ٿي ويون آهن پر وڪي ڪوشل جي ڀاءُ سني اهڙين خبرن کي رد ڪري ڇڏيو هو.