ڪتاب بمقابله گوليون

0
151

سن: سائين جي ايم سيد جو 119 هون جنم ڏينهن،  17 جنوري 2023

 هيٺ تصوير ۾ نظر ايندڙ ٻارڙي ثمرين گاڏهي، هڪ مقامي ڪتاب وڪرو ڪندڙ حبدار گاڏهي جي ڌيءَ آهي، 7 سالن جي عمر ۾ پنهنجي خاندان جي سهاري لاءِ ڪتاب وڪڻي، پاڻ ۽ پنهنجي خاندان جي گذر معاش جو ذريعو بڻيل آهي. ثمرين هن سال به پنهنجي ڪتابن جي اسٽال تي ڪتاب وڪرو ڪرڻ واري ڪِرتِ جاري رکي. گذريل سال سوشل ميڊيا تي سندس تصوير وائرل ٿيڻ کانپوءِ ڊاڪٽر منصور ميمڻ ۽ ڊاڪٽر ارم قلباڻي ٻارهين ڪلاس تائين ثمرين جي پڙهائي جي ذميواري پاڻ تي کنئي. هاڻي ثمرين سائين جي ايم سيد جي سالگرهه تي پنهنجي ڪتابن جو ساليانو اسٽال لڳائيندي آهي ۽ سال جا باقي ڏينهن پنهنجي تعليم کي ڏيندي آهي. (سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل پوسٽ)