ڪتاب آهن چمن منهنجو

0
187
ڪتاب آهن چمن منهنجو

  اڄ کان ٻه ڏينهن پوءِ 23 اپريل پوريءُ دنيا ۾ ڪتابن جي ڇپائيءَ جو عالمي ڏينهن ڪري ملهايو ويندو آهي، جنهن کي هاڻي پاڪستان ۾ ۽ خاص سنڌي ٻولي ۽ ادب جي حوالي سان سنڌ ۾ پڻ سٺي موٽ ملي رهي آهي. ڪتابن جي علميت ۽ افاديت ڇا آهي؟ انهن جي اهميت ڪيئن وڌائجي؟ موجوده نسل ۽ ايندڙ نسل کي ڪهڙيءَ ريت اهو ذهن نشين ڪرائجي ته ڪتاب سندن بهترين ساٿي ۽ دوست آهن ۽ کين پنهنجي حياتين کي سنئين دڳ لائڻ لاءِ مطالعي کي ڪيتري فوقيت ڏيڻ گهرجي؟ مطلب ته ڪتابن ۽ ڪتب خانن جي واڌاري ۽ اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هن ڏينهن کي خاص طور ملهائڻ اهميت جوڳو ۽ احسن عمل آهي.

                 پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه پنهنجي ڪتاب “معاشرو ۽ تعليم” ۾ صفحي نمبر 44 تي لکيو آهي ته:

                 “ڪتاب قومن جي وجود جي شاهدي ۽ ان جا ضامن آهن، قومن جو افتخار ڪثرت تصنيف ۾ آهي. ڪتابن کان سواءِ قومن جو ماضي مبهم ۽ اونداهو آهي، پر ڪتابن سان اهو روشن ۽ همت افزا آهي. ڪتابن کان سواءِ قوم جي نه جاگرافي آهي ۽ نه تاريخ ۽ نه ئي ڪتابن کان سواءِ قوم جو وجود آهي ۽ نه ئي وري وقار”.

بيشڪ معياري علمي ۽ ادبي ڪتابن جو مطالعو، ماڻهوءَ کي برائيءَ کان چڱائيءَ طرف، ڪوڙ کان سچ طرف، جنگ کان امن طرف ۽ نفرت کان پيار طرف آڻي سندس ضمير کي اڇو اجرو ڪري ٿو.

بخاري استاد ته ڪتابن ۾ دفن ٿيڻ ۽ انهن ورقن جي ڪفن کي ترجيح ڏيندي چئي ويو ته:

ڪتابن سان آ دل منهنجي
ڪتاب آهن چمن منهنجو
ڪتابن ۾ دفن ٿيندس
ورق ٿيندا ڪفن منهنجو

مطلب ته ڪتاب هڪ اهڙو بي بها ۽ اڻ ملهه خزانو آهي، جنهن جي بي قدري يا ڪمي ٿيڻ هڪ سانحي کان گهٽ نه آهي. منهنجي نظر ۾ ته ڪم نصيب آهي اها قوم، جنهن جي پڙهيلن وٽ ڪتابن جي بدران هٿيار آهن ۽ بدبخت آهن اهي استاد يا شاگرد، جيڪي مطالعي کان وانجهيل آهن. بي ادب آهن انهيءَ قوم جي ايندڙ نسلن جا معمار، جن وٽ لکڻ پڙهڻ جو فقدان ۽ هٿن ۾ ڪتاب نه آهن. ڪتاب ته ٻارن جي لاءِ رهنمائي، جوانن جي لاءِ ترقيءَ جو گَسِ ۽ وڏن لاءِ وندر ۽ روح جي راحت آهن ۽ ڪتاب ئي پوري قوم جي طاقت، وقار ۽ وجود جي شناخت آهن.

جڏهن ڪتابن جي افاديت ۽ علميت کان انڪار نه ڪالهه هو ۽ نه ئي اڄ آهي ته پوءِ ڇا هن انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا جي دور ۾، سنڌ واسي هن علمي ۽ ادبي ترقيءَ ۾ اڳتي وڌيل آهن؟ ڇا سنڌ ۾ تعليمي شرح گهٽ هوندي به اسان کي پراميد هئڻ گهرجي؟ سنڌين وٽ علمي ۽ ادبي ذوق موجود آهي ۽ اسان وٽ ادبي ڪتابن جو مستقبل روشن آهي؟

هاڻي انهن سوالن جا ڪافي جواب هوندي به ٿوري ۾ ايترو چونديس ته چند سال اڳ سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ انيڪ اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب موجود ملندا هئا ته پبلڪ لائبريريون پنهنجي مدد پاڻ تحت قائم ٿيل ڏسڻ ۾ اينديون هيون پر اڄ ان ريت نه آهي. ڏٺو وڃي ته ڪو وقت هو ڪتاب جي ٽائيپنگ ٿيندي هئي ۽ هڪ ڪتاب ڏکين مرحلن مان نڪري پوءِ ڇپبو هو پر اڄ ڪمپيوٽر سان ڪمپوزنگ ۽ اعليٰ جديد مشينن جي ڇپائيءَ سان ڪيتريون ئي آسانيون ٿي ويون آهن، انهيءَ هوندي به ڪتابن جي ڇپجڻ ۽ وڪجڻ ۾ ڪمي نظر رهي آهي.

نئين صديءَ جي شروع جي ٻن ڏهاڪن ۾ ڪتابن جي ڇپائيءَ جو نيٽ ورڪ گهڻو مضبوط هو. ڪيترائي نوان ادارا ڇپائيءَ جا پڻ متعارف ٿيا ته ڪي پراڻا ادارا پڻ ڪم ڪري رهيا آهن. سنڌ خوشنصيب خطو آهي، جنهن ۾ هن افراتفريءَ ۽ انٽرنيٽ ۽ ميڊيا جي دور ۾ ڪتاب لکيا، پڙهيا ۽ پسند ڪيا وڃن پيا ۽ وڪامجن به ٿا. جَس آهي انهن ادارن کي ۽ انهن ڏات ڌڻين کي، جيڪي وڏيءَ محنت سان لکن ۽ ڇپرائين ٿا. لکڻ ته ڏکيو آهي پر وڏو مرحلو ڇپجڻ جو پڻ آهي. ڪنهن ليکڪ جي سڀ کان وڌيڪ خوشي ان ڏينهن هوندي آهي، جنهن ڏينهن سندس ڪتاب ڇپجي پڙهندڙن تائين پهچندو آهي ۽ جڏهن انهيءَ ڪتاب جو مهورت ٿو ٿئي، تڏهن هيڪاري سندس خوشي دوچند هوندي آهي. سوشل ميڊيا تي پيغامن جي وٺ وٺان شروع ٿي ويندي آهي ۽ بيشڪ ٿئي پر هتي هڪڙو عرض ضرور ڪنديس ته ڪتاب جي ڪاميابيءَ جو دارومدار نه مهورت تي آهي ۽ نه ئي سوشل ميڊيا جي پبلسٽيءَ تي آهي. ڪتاب ته خود پنهنجي پڙهندڙ سان ڳالهائيندو آهي. ليکڪ جي فقط اها ڪوشش هئڻ گهرجي ته سندس ڪتاب زنده رهي، ڇو جو ڪتاب جو زنده رهڻ ئي سندس زندگيءَ جي خوشي آهي. لکڻ جو فن محنت طلب آهي. ان ۾ جلد بازي ۽ تڪڙي واهه واهه جي بدران جڏهن به ڪنهن موضوع تي قلم کڻجي، تڏهن تمام دل جي سچائيءَ ۽ وڏيءَ ڄاڻ سان لکجي. جنهن به صنف ۾ لکجي، چاهي اها شاعري هجي يا نثر، انهيءَ جي سٺي معلومات هئڻ گهرجي، جنهن لاءِ گهڻي ۾ گهڻو پڙهڻ گهرجي. سٺا ۽ عمدا ڪتاب مطالعي هيٺ آڻجن ۽ لکندڙ کي ڪڏهن به مطمئن ٿيڻ نه گهرجي. هو هڪ نقاد جيان پنهنجي لکت کي وَرَ وَرَ ڏيئي پڙهي ۽ ان کي پرکي. اهوئي معياري ادب جي تخليق جو هڪ رستو آهي. مهورت ۽ اڀياسي ويهڪون ڪتابن جي واڌ ويجهه لاءِ سٺو ذريعو آهن ۽ انهيءَ سان ليکڪ جي همت افزائي ٿئي ٿي. ان ۾ به معياري طريقو هئڻ گهرجي. بعضي ائين به ٿيندو آهي ته ڪتابن تي ڳالهائڻ لاءِ جن مهمانن کي سڏيو ويندو آهي، انهن کي انهيءَ ڪتاب جي موضوع ۽ مواد جي به ڄاڻ نه هوندي آهي. هو نه ليکڪ جي پورهئي کي سجايو پيش ڪري سگهندا آهن ۽ نه ئي ان ڪتاب تي ڪا روشني پئجي سگهندي آهي.

گذريل چند سالن کان ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن جي اشاعت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي، جنهن جا گهڻائي سبب هوندي اهم ڪارڻ مهانگائيءَ جو چوٽ چڙهڻ، سوشل ميڊيا ۽ انٽرنيٽ جي غير ضروري استعمال (جنهن سان مطالعي جي عادت ۾ ڪمي ٿي آهي) ۽ ڪتابن جو معيار گهٽ هئڻ به آهي، نثر جا ڪتاب گهٽ ڇپجن ٿا ۽ شاعري بي حساب شايع ٿئي ٿي، جنهن ۾ نواڻ مفقود آهي، جنهن سان ڪتابن جي وڪري ۾ ڪمي اچي رهي آهي. ليکڪ حيران ۽ پبلشر پريشان آهن.

سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقيءَ لاءِ ڪتاب ۽ رسالن جو ڇپجڻ، وڪرو ٿيڻ ۽ پڙهندڙن تائين پهچڻ اهم آهي، جنهن کي وڌائڻ لاءِ هڪ وڏي نيٽ ورڪ جي گهرج آهي. ضروري آهي ته سرڪاري ۽ پرائيويٽ ادارا مضبوط نموني گڏجي ڪم ڪن. سنڌ جا پبلشر، مالي طور مضبوط نه آهن. کين حڪومت وٽان ڪا مدد، ڪو قرضِ حسنه نٿو ملي. هُو سڄي محنت پنهنجي روزگار لاءِ خود ذاتي طور ڪن ٿا (اهو سندن شوق پڻ آهي، جو ان پويان ڪيترا پبلشرز ته ليکڪ پڻ ٿي ويا) هو ليکڪن کان پئسا وٺي پوءِ ڪتاب شايع ڪن ٿا. وٽن مسودن جا انبار پيا آهن. ڪيترن ڪتابن جو وارو نه اچڻ ڪري اهي ضايع پڻ ٿي وڃن پيا. منهنجي خيال ۾ اهو به وڏو علمي ۽ ادبي نقصان آهي، جنهن تي پڻ ڌيان ڏيڻ گهرجي. ڪي اهڙيون ڪوششون عمل ۾ آڻجن، جو اسان وٽ جهجها، سستا ۽ سٺا ڪتاب ڇپجي هر هڪ پڙهندڙ تائين پهچن. هندوستان ۾ پڻ ڪتاب مهانگو ٿو ڇپجي ۽ اتي سنڌي ڪتابن جا خريدار پڻ گهٽ آهن پر جيڪي به ڇپجن ٿا، انهن جون ڪجهه مقرر ڪاپيون ادارا خريد ڪن ٿا. انهيءَ ڪري اهو ڪتاب کپي وڃي ٿو. ساڳيءَ ريت هتي پڻ ٿيڻ گهرجي. هن قومي فرض لاءِ هر هڪ کي پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻ  گهرجي. اهي ڪتاب ئي آهن، جن جو سٺو معيار ۽ تعداد اسان جي قوم جي زنده هئڻ جو ثبوت ثابت ٿيندو.