لاڙڪاڻو/باڊهه (نمائندن وٽان) باڊهه شهر جي نئين آبادي واري علائقي ۾ 15 ورهين جي ماجد عرف گڊو پٽ سڪندر جت ڪبوتر وڪرو ڪرڻ واري ڳالهه تان گهر وارن سان ڪاوڙجي ڪوئا مار دوا کائي آپگهات جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي وارثن بيهوشي واري حالت  ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو، جتي نينگر دم ڏئي ڇڏيو،  نينگر جي وارث ڊاڪٽرن مٿان غفلت جو الزام لڳائيندي ٻڌايو ته اسان جي نينگر پيءُ طرفان ڪبوتر وڪرو ڪرڻ واري ڳالهه تان ڪوئا مار دوا کائي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي علاج لاءِ چانڊڪا اسپتال  ۾ داخل ڪرايو، هنن الزام لڳايو ته اسپتال ۾ بهتر علاج نه ملڻ جي ڪري اسان جو نينگر تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو آهي، جنهن جي موت جا ذميوار ڊاڪٽر ۽ عملو آهي، جن خلاف فوري طور ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. ٻئي پاسي واقعي جي اطلاع تي لاڙڪاڻي واسي سماج سڌارڪ احمر اڪبر ڦل اسپتال پهچي وارثن سان ملاقات ڪري معلوم ورتي ۽ بعد ۾ چانڊڪا اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر گلزار تونيو سان ملاقات ڪري کيس آگاهي ڏيندي جاچ جو مطالبو ڪيو، جنهن تي ايم ايس واقعي جي جاچ جي خاطري پڻ ڪرائي. هوڏانهن علائقي واسين موجب ته نينگر پنهنجي ئي گهر مان ڪجھه رقم چوري ڪرڻ جي الزام لڳڻ سبب انتهائي قدم کنيو آھي.